اشو آف دي ڊي اوهان جو دوست شدت پسند ته نه بڻجي رهيو آهي؟ فيس بوڪ جو سوال

0
249

آمريڪا ۾ فيس بوڪ هڪ نئون فيچر ٽيسٽ ڪري رهيو آهي جنهن ۾ فيس بوڪ استعمال ڪندڙن کان سوال پڇيو پيو وڃي ته انهن کي ان ڳالهه جي پريشاني ته ناهي ته ڪو واسطي وارو ماڻهو شدت پسندي ڏانهن وڌي رهيو آهي؟ ان کانسواءِ ڪجهه صارفين کي اهو تنبيهي پيغام به اماڻيو ويندو ته ڇا اوهان شدت پسندي تي ٻڌل مواد ڏٺو آهي؟ اهي ٻئي فيچر فيس بوڪ جي ري ڊائريڪٽ انيشيٽيو تحت ٽيسٽ ڪيا پيا وڃن جنهن جو مقصد شدت پسندي جو مقابلو ڪرڻ آهي، اهي پيغام صارف کي هڪ اهڙي صفحي تي پاڻمرادو وٺي وڃن ٿا جتي انهن وٽ ان سان مقابلو ڪرڻ لاءِ سپورٽ موجود آهي. فيس بوڪ ترجمان جو چوڻ آهي ته هي ٽيسٽ انهن وڏن قدمن جو حصو آهي جتي اسان اهڙن ماڻهن جي مدد ۽ انهن کي وسيلا فراهم ڪري رهيا آهيون جن کي شدت پسندي جي مواد کي منهن ڏيڻو پيو هجي يا هو اهڙي ڪنهن شخص کي ڄاڻندو هجي جيڪو شدت پسند بڻجي رهيو هجي، ڪمپني غيرسرڪاري تنظيمن ۽ سيڪٽر جي ماهرن سان گڏجي ان پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهي آهي.
ڇا ڪوئي شدت پسند بڻجي رهيو آهي؟ سوشل ميڊيا تي ان تنبيهي پيغام جا پاپ اپ شيئر ڪيا پيا وڃن هڪ پيغام ۾ لکيل هو ته ڇا اوهان کي فڪر آهي ته اوهان جو ڪوئي ڄاتل سڃاتل شدت پسند بڻجي رهيو آهي هڪ ٻئي پيغام ۾ لکيل هو ته ٿي سگهي ٿو ته اوهان اوهان نقصان ڏيندڙ شدت پسنداڻي مواد کي منهن ڏنو ڏجي، پرتشدد گروهه اوهان جي ڪاوڙ يا مايوسي جو فائدو کڻڻ جي ڪوشش ڪري سگهن ٿا اوهان پنهنجي ۽ ٻين جي حفاظت لاءِ قدم کڻي سگهو ٿا. هي ٻئي پيغام صارفين کي شدت پسند جو مقابلو ڪرڻ جي حوالي سان مدد ڏيندڙ صفحن تي وٺي وڃن ٿا فيس بوڪ جو چوڻ آهي ته هي ٽيسٽ اهڙي صارفين جي نشاندهي ڪري ٿو جن هاڻ يا ماضي ۾ اهڙو مواد ڏٺو هجي جيڪو هن پليٽ فارم جي ضابطن جي خلاف آهي. ڪمپني خابرو اداري روئٽرز کي ٻڌايو آهي ته ڪجهه مواد ۽ اڪائونٽ جيڪي انهن جي اصولن جي ڀڃڪڙي جا مرتڪب ٿيا آهن انهن کي روڪيو وڃي ٿو يا هٽايو وڃي ٿو ان کان اڳ جو اهو مواد ٻيا صارفين ڏسن پر ڪجهه قابل اعتراض مواد هٽائڻ کان اڳ ماڻهن جي نظر ۾ اچي ويندو آهي، بي بي سي موجب يو ڪي سيفر انٽرنيٽ سينٽر آن لائن سيفٽي ڪنسلٽنٽ جيسي مڪبيٿ جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا ڪمپنيون هاڻي گهڻا طريقا آزمائي رهيون آهن ته انهن جي پليٽ فارم تي غلط معلومات ڪيئن روڪجي، هن طريقي جي باري ۾ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته هي ان نظريي تي ٻڌل آهي ته اسان سمجهون ٿا ته ان آن لائن مواد سان اسان متاثر نٿا ٿيون پر ٻيا ماڻهو ٿين ٿا.