ڪراچي: افغانستان جو اڳوڻو صدر اشرف غني ڪٿي آهي اها ڳالهه معمو بڻجي وئي آهي. عمان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان جي حڪومتن سندسن موجودگي جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. عمان حڪومت افغانستان جي اڳوڻي صدر اشرف غني جي اچڻ جي ترديد ڪئي آهي، ان کان اڳ اشرف غني جي تاجڪستان مان عمان وڃڻ جا اطلاع هئا. ٻئي طرف تاجڪستان ۽ ازبڪستان جي حڪومتن جو چوڻ آهي ته اشرف غني سندن ملڪن ۾ به نه آهي. ان ڪري اهو معاملو ڳجهارت بڻيل آهي ته هو هن وقت ڪٿي آهي؟ اهي به اطلاع آهن ته اشرف غني آمريڪا وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.