ڪابل/ماسڪو(م ڊ) افغان راڄڌاني ڪابل ۾ روس جي سفارتخاني چيو آهي ته افغان صدر اشرف غني پئسن سان ڀريل 4 گاڏين ۽ هڪ هيليڪاپٽر سميت ملڪ ڇڏيو آهي ۽ جڳهه نه هجڻ جي ڪري ڪجهه رقم پوئتي ڇڏي ويو آهي. روسي سفارتخاني جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اشرف غني پنهنجي جهاز ۾ پئسن سان ڀريل 4 گاڏيون رکيون، هڪ هيليڪاپٽر ۾ به رقم رکي پر جڳهه نه بچڻ جي ڪري باقي رقم اتي ئي ڇڏي ويو. اهو واضح ناهي ته اشرف غني جي حڪومت پوئتي ڪيتري رقم ڇڏي وئي آهي. اميد ته بجيٽ ۽ رياست جو سمورو پئسو کڻي نه ويا هوندا.