اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته قوم اوهان کان امن امان، جان و مال جي سلامتي ۽ معيشت جي خوشحالي گهري ٿي، اسان جي ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ صورتحال فاقن تائين پهچي چڪي آهي، اسان آپريشن ڪيا، ماڻهن کي چيو گهر ڇڏي هليا وڃو، انهن کي پنڻ تي مجبور ڪيو ويو، گهر ٺاهڻ لاءِ اعلانيل 4 لک رپيا به نه مليا، هن چيو ته چمن ۾ ماڻهو مهينن کان احتجاج ڪري رهيا آهن ڇا ڪنهن ملڪ ۾ سرحدي علائقن جي ماڻهن سان اهڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو؟ انهن ماڻهن وٽ ڪو متبادل روزگار ناهي، وزيراعظم ۽ آرمي چيف چين ويا، انهن تمام گهڻي محنت ڪئي پر سفارتي طور اسان جو وزيراعظم ڪامياب ٿي نه آيو. چين مان مهمان آيا هنن جواب ڏنو ته پاڪستان ۾ عدم استحڪام آهي ۽ امن امان جي صورتحال بهتر ناهي، لڳي ٿو ته ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ بنون ڊي آءِ خان ۾ امارات اسلاميه قائم ٿي ويندي، منهنجو خيال آهي ته عزم ستحڪام آپريشن ذريعي چين جون ڳالهيون پوريون ٿي رهيون آهن، هي آپريشن عزم استحڪام آهي نه پر عدم استحڪام آهي. ان آپريشن تي اسٽيبلشمينٽ جو موقف به واضح ناهي، جڏهن اسٽيبليشمينٽ ڌانڌلي ڪري ته ائين ئي ٿيندو آهي، هن چيو ته اسٽبلشمينٽ سياست کان ٻاهر ٿي وڃي سڀ خير ٿي ويندو. فضل الرحمان چيو ته ملڪ تي اقليت حڪومت ڪري رهي آهي، پيپلزپارٽي حڪومت جو حصو نه آهي، حڪومت سمجهي ٿي ته عوام دوست بجيٽ آهي، حقيقت اها آهي ته ملڪ جو ڪٻاڙو ڪيو ويو آهي.