اسٽيبلشمينٽ جو عتاب يا ڏوهن جي سزا؟ … خدا بخش بروھي

0
143
اسٽيبلشمينٽ جو عتاب يا ڏوهن جي سزا؟ ... خدا بخش بروھي

  ان حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته جمهوريت ملڪي عوام جي خواهش ته آهي پر ملڪي اختيار ۽ اقتدار تي قابض “اشرافيا” (المعروف ڪاري ڏاند جا مالڪ) جي مفادن سان جمهوريت ٽڪراءَ ۾ آهي، ان ڪري اها “اشرافيا” ڪنٽرولڊ ڊيموڪريسي جي نالي ۾ آپيشاهي ئي مسلط ڪندي رهي آهي. انجنيئرڊ اليڪشن ڪرائي “هِز ماسٽرس وائيس” تي چپ چوريندڙ ڪٺپتلي آندي ويندي آهي. جنهن به ان “اشرافيا” جي مزاحمت ڪئي، انهن کي راههِ اجل وٺرائي وئي يا وري ٿورڙي ۽ “قابلِ مرمت” نقص هجڻ جي صورت ۾ ان کي قيد ۾ رکي ان جو سافٽ ويئر “اپڊيٽ” ڪيو ويندو آهي. عمران خان به ٻين وانگر انهن جي ئي نرسريءَ جو ٻوٽو هو. هاڻي هو اٽڪ جيل ۾ آهي، جتي توشا خانا ڪيس ۾ آيل سزا ڪاٽي رهيو آهي. سندس ستم مختلف ڪيسن ۾ عبوري ضمانتون به رد ٿي چڪيون آهن. ان ڪري سندس آزاديءَ واري اميد به پساهه پورا ڪري چڪي آهي ۽ ڪجهه مبصر ته ان راءِ جا به آهن ته، سائفر واري معاملي تي، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت “وڏي سزا” اچي سگهي ٿي.

                 عمران خان ٻيو وزير اعظم آھي، جيڪو بدعنواني جي ڪيس گرفتار ٿيو آھي. ھن کان اڳ نواز شريف پناما ڪيس ۾ نا اھل ۽ گرفتار ٿيو ھو، جيل بيمار ٿي پيو، ان تي ڪورٽ ضمانت حاصل ڪري علاج خاطر جيئن  لنڊن  ويو آھي ته اڄ ڏينھن تائين موٽيو ناھي. وڏي ڳالھ ته سوا سال سندس پارٽي جي حڪومت هئي، پوءِ به واپس نه آيو. اھا ڳالھ سمجھڻ وارا سمجھن. عمران خان واحد اڳوڻو وزير اعظم آھي، جنھن خود انڪشاف ڪيو آھي مٿس 2 سئو کان زيادہ ڪيس داخل ٿيا آھن. انهن ڪيسن  جو اصل  مقصد اليڪشن  ۾ دير ڪرڻ ۽ کيس سياست تان ھٽائڻ آھي. بھرحال عمران کي جنھن تيزي سان ڪيسن مان ضمانت ملندي رھي ھئي، ان تي حڪومتي ڌر سخت ناراض ھئي، ڇو ته ڪيسن جو داخل ٿيڻ ۽ جلد ضمانت ملڻ به پي ٽي آئي ۽ عمران خان جي  مقبوليت کي تيزي سان وڌائي رھي ھـئي.

بھرحال اسلام آباد جي ھڪ ٽرائيل ڪورٽ عمران کي سزا ڏني آھي، جنھن سزا جي فتوا  ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ سيشن جج ھمايون دلاور ٻڌائي آھي. ڪورٽ عمران خان کي 3 سال قيد، ھڪ لک ڏنڊ جي سزا ڏئي ڇڏي آهي. مٿس  اھو الزام ھو ته ھن سرڪاري توشا خانه مان تحفا خريد ڪيا پر انھن کي اليڪشن دوران اليڪشن ڪميشن جي گوشوارن واري رڪارڊ ۾ ظاھر نه ڪيو، جيڪو مسئلو بدديانتي جي زمري ۾ اچي ٿو.

عمران خان پنھنجي دور حڪومت ۾ شريفن، زردارين ۽ انھن جي پارٽي ليڊرن تي چٿرون ڪري کين ڪرپٽ چوندو ھو پر بدقسمتي سان ڪرپشن ڪيس ۾ کيس ئي سزا ملي آهي. ان سان سندس گهڻي بدنامي ٿي، پر عمران اڄ ڏينھن تائين نٿو مڃي ته ڪو ھن کان شعوري  يا لاشعوري طور ڪا غلطي ٿي آھي. بس ھو گذريل ھڪ سال کان اھو چوندو ٿو رهي ته 13 پارٽيون فقط ھڪ پيج تي ان ڪري گڏ ٿيون آھن ته مٿن چوري ۽ ڪرپشن جا جيڪي ڪيس ھلي رھيا آھن، اھي ختم ڪرائجن. ان ڪري ھو کيس سياست کان ھٽائڻ خاطر مختلف حربا استعمال ڪري رھيا آھن. عمران تي ھن وقت ھڪ اندازي مطابق 2 سئو جي لڳ ڀڳ ڪيس داخل ٿيل آھن. ڪوئيٽا ۾ وڪيل جي قتل جو ڪيس مٿس درج ٿيل آهي.

عمران خلاف توشا خانه مسئلي تي سڀ کان پھرين مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي جي ميمبر بئريسٽر محسن نواز رانجھا قومي اسيمبلي ۾ ريفرنس داخل ڪيو، جنھن کي قومي اسيمبلي مان منظور ڪري وڌيڪ ڪارروائي لاءِ اليڪشن ڪميشن کي اماڻيو ويو. جاچ مان ظاھر ٿيو ته عمران خان 58 تحفا کنيا، جن ۾ 30 ھزارن کان گھٽ وارا تحفا به شامل آھن، جيڪي مفت حاصل ٿي سگھيا ٿي، جن کي عمران خان 20 کان 50 سيڪڙو قيمت تي خريد ڪيا پر مٿس اھو الزام آھي کيس جيڪا سعودي شھزادي گھڙي ڏني ھـئي، جنھن گھڙيءَ تي خانہ ڪعبہ جو عڪس ھو، ھن  اھا قيمتي گھڙي  وڪڻي ڇڏي، جيڪا ڳالھ ھڪ وڏي اسڪينڊل جي صورت اختيار ڪري وئي. عمران خان ھونئن پاڻ کي ھر وقت صادق ۽ امين ظاھر ڪندو هو، ايستائين جو وٽس چار ٻڪريون ھيون، انھن چئن ٻڪرين جو ذڪر ڪندي چوندو ھو ته وٽس 2 لکن جون چار ٻڪريون آھن پر تحفن جو ذڪر نه ڪندو ھو، نه وري اليڪشن ڪميشن وٽ اھي تحفا ظاھر ڪيائين، جيڪي قيمتي واچون وٽس ھيون. ھتي سوال ٿو پيدا ٿـئي ڇا رڳو ھڪڙو ئي عمران خان ھو، جنھن تحفا سستي اگھ ۾ خريد ڪيا ھئا، تنھنڪري کيس  سزا ملي آھي؟ باقي جن ٻين خريد ڪيا آھن، انھن جو طريقيڪار قانوني ھو؟ جيڪڏھن انھن به عمران واري طريقيڪار مطابق تحفه خريد ڪري ورتا ھجن ته پوءِ ڇا اھي به قانون جي گرفت ۾ ايندا؟

وفاقي حڪومت ان سلسلي ۾ 14 مارچ 2023 تي 2002 کان 2023 تائين جي سرڪاري توشا خاني مان سوکڙيون خريد ڪندڙن جي لسٽ جاري ڪري ڇڏي ھئي. انھن ۾ وزير اعظم، صدر، فوجي آفيسر، ڪامورن جيڪي غير ملڪي دورن تي حڪومتي اختيار ڌڻين سان سان گڏ ويندا رھيا آھن، انھن به تحفا ورتا آھن. شھباز شريف جي ھدايتن تي ڪابينا ڊويزن جي ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪيل رڪارڊ مطابق مختلف وقتن تي مختلف حڪمرانن مھانگيون گاڏيون، واچون، زيور، ليپ ٽاپ، آئي فون، ايستائين جو بيڊ شيٽون، کائڻ جون شيون جن ۾ پائن ايپل، ڪافي، سري لنڪا جي چانھ، عربن جا قهوو پيئڻ وارا ڪوپ شامل آھن، اھي به کنيا ويا آھن. تحفن کڻڻ وارن جو انگ تمام وڏو آھي. بس مختصر ڪريون ٿا. جن اهي تحفا توشا خاني مان حاصل ڪيا، انهن ۾ اڳوڻو صدر پرويز مشرف، آصف رزداري، شاھد خاقان عباسي، سندس ان وقت وارو ملٽري سيڪريٽري، شوڪت عزيز ۽ ٻيا شامل آھن.  سڀ کان زيادہ تحفا 2005 ۾ مليا، جن جو مجموعي تعداد 475 آھي، جڏھن ته 2006 ۽ 2007 ۾ 381 تحفا وصول ٿيا. 2004 ۾ توشا خاني ۾ 350 تحفا آيا، جڏھن ته سڀ کان زيادہ تحفا شوڪت عزيز ۽ سندس زال کي غير ملڪي وفدن کان مليا، جن جو مجموعي تعداد 885 ھو، جن ۾  سڀ کان مھانگو زيورن جو سيٽ ھو،  انھن جي ان وقت جي قيمت 3،764555 لڳائي وئي، جيڪي 563184 ۾ 15 سيڪڙو رقم ادا ڪري وصول ڪيا ويا. ڇا انھن کي به قانوني گرفت ۾ آڻي سگھبو؟ ڇا ايندڙ غيرجانبدار نگران حڪومت ان متعلق به ڪو قدم کڻي سگھندي؟

 2002 ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري کي 181 تحفا مليا، نواز شريف کي 55، شاھد خاقان کي 27، عمران کي 112، مشرف 126 تحفا حاصل ڪيا. انھن کان ته ھيستائين ڪابه پڇا نه ٿي آھي. هاڻي ڏسجي ته عمران خان جي ضمانت ان ڪيس ۾ ٿئي ٿي يا نه، پر هن تي ايترا ته ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جو هڪ ڪيس مان ڇٽندو ته ٻئي ۾ کيس کڻندا. في الحال ته ائين ئي پيو نظر اچي!