ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ) اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ بهتري: 47 ڪروڙ شيئر وڪرو: سون 900 رپيا سستو، ان ڏس ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ جي 100 انڊيڪس 335 پوائنٽن جي اضافي سان 78275 پوائنٽن تي بند ٿي

جڏهن ته 710 پوائنٽن تي بينڊ پڻ ٿي، ڪالهه 19 ارب77 ڪروڙ ماليت جا 46 ڪروڙ 97 لک شيئر وڪرو ٿيا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن 7 ارب جي اضافي سان10297 ارب تي بند ٿي

ٻئي طرف ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 900 رپيا لاٿ سان 241500 مان 240600 ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ 13 ڊالرن جي گهٽتائي سان 2293 ڊالر في آئونس تي پهتو، هوڏانهن چاندي 2750، ڊالر 280.27، پائونڊ 352.5 ۽ يورو 297.5 رپين تي بيٺل رهيا