اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي ۾ اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن بابت پيپلزپارٽي جي ترميم اتفاق راءِ سان منظور ڪئي وئي. پيپلزپارٽي جي عبدالقادر پٽيل اسيمبلي ميمبرن جون پگهارون وڌائڻ بابت ترميم ايوان ۾ پيش ڪئي، پگهار ۽ مراعات ايڪٽ ۾ ترميم فنانس بل ذريعي ڪئي وئي. مخالف ڌر پگهارن ۽ مراعتن بابت پيپلزپارٽي جي ترميم جي مخالفت ڪئي. ترميم منظور ٿيڻ سان ميمبرن جو سفري الائونس 10 رپيا في ڪلوميٽر کان وڌي 25 رپيا ڪيو ويو، سالياني هوائي ٽڪيٽون استعمال نه ٿيڻ جي صورت ۾ رد ٿيڻ بدران ايندڙ سال ۾ استعمال جي قابل هونديون، ساليانو ٽريولنگ ووچرز 25 کان وڌي 30 ٿي ويو. اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۽ مراعتن جو اختيار وفاقي حڪومت کان وٺي لاڳاپيل ايوان جي فنانس ڪاميٽي حوالي ڪيو ويو.