اسيمبليز 9 آگسٽ تي ٽوڙيون وينديون: حڪومتي اتحاد ۾ اتفاق

0
271
اسيمبليز 9 آگسٽ تي ٽوڙيون وينديون: حڪومتي اتحاد ۾ اتفاق
اسيمبليز 9 آگسٽ تي ٽوڙيون وينديون: حڪومتي اتحاد ۾ اتفاق

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ حڪومتي اتحادين 9 آگسٽ تي اسيمبليون ٽوڙڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اتحادي پارٽيز جو وڊيو لنڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 3 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو

ذريعن موجب اجلاس ۾ نگران سيٽ اپ، نئين آدمشماري ۽ اسيمبلين کي ٽوڙڻ تي صلاح مشورا ڪيا ويا

ذريعن جو چوڻ آهي ته سمورن اڳواڻن 9 آگسٽ تي اسيمبليون ٽوڙڻ تي اتفاق ڪيو ۽ چيو ته چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن

ذريعن موجب اتحادين مردم شماري جي معاملي تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي فيصلي کي مڃڻ تي به اتفاق ڪيو

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم نگران وزيراعظم جي نالي تي وڌيڪ مشاورت لاءِ وقت گهريو، جڏهن ته وزيراعظم نگران وزيراعظم بابت اتحادين کان اڄ رات تائين تجويزون طلب ڪندي چيو ته جيڪي صلاحون ڏيڻ چاهين ٿا انهن سان رابطو ڪري سگهن ٿا

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ محسن داوڙ نگران وزيراعظم لاءِ ٻه نالا به تجويز ڪيا، جڏهن ته اسلم ڀوتاڻي بلوچستان ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ اڳوڻي بيوروڪريٽ جو نالو تجويز ڪيو پر بلاول ڀٽو زرداري، اختر مينگل ۽ مولانا فضل الرحمان ڪنهن جو نالو تجويز نه ڪيو

هن کي به پڙهندا

شاهد خاقان، حفيظ شيخ، اسلم ڀوتاڻي ۽ فواد حسن فواد نگران وزيراعظم جا اميدوار