اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جو لاهور ۾ ٻن صحافين جي گرفتاري ۾ ملوث ايف اي آءِ آفيسرز خلاف ڪارروائي جو حڪم

0
294
پيڪا آرڊيننس: عدالت

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان لاهور ۾ ٻن صحافين جي گرفتاري ۾ ملوث ايف اي آءِ آفيسرز خلاف ڪارروائي جو حڪم، سائبر ڪرائيم قانون تحت ايف آءِ اي جي اختيارين بابت ڪيس ۾ آفيسرز جي رويي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.

چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا آهن ته ڇا عدالت ايف آءِ اي آفيسرز کي فري هينڊ ڏئي، بند ڪري ڇڏي، ڇا ڪري؟، عام شهري کي ڊيڄارڻ لاءِ ايف آءِ اي جو هڪ نوٽيس ئي ڪافي آهي، ڇو نه شهزاد اڪبر کان پڇاڻو ڪيو ته عدالتي حڪم تي عملدرآمد ڇو ناهي ٿيو؟.