اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٿري ايم پي او تحت ڊپٽي ڪمشنر جي گرفتارين واري اختيار کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو

0
69

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٿري ايم پي او تحت ڊپٽي ڪمشنر جي گرفتارين واري اختيار کي غير آئيني قرار ڏئي ڇڏيو، جسٽس بابر ستار پي ٽي آءِ اڳواڻن شهريار آفريدي ۽ شاندانه گلزار جي ٿري ايم پي او تحت گرفتاري خلاف ڪيس جي ٻڌڻي هلائي، عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻن جون ٿري ايم پي او خلاف درخواستون منظور ڪندي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته ڊي سي اسلام آباد وٽ ٿري ايم پي او جاري ڪرڻ جو اختيار نه آهي، ٿري ايم پي او جو اختيار رڳو وفاقي ڪابينا وٽ هجڻ گهرجي، عدالت ٿري ايم پي او جي 1980 واري قانون جي سيڪشن 18 کي غير قانوني قرار ڏيندي شهريار آفريدي ۽ شاندانه گلزار جون درخواستون اڪلائي ڇڏيون