اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسحاق ڊار جو گهر کپائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

0
414
تحريڪ انصاف کي جلسي جي اجازت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ن ليگ جي اشتهاري ۽ روپوش جوابدار اسحاق ڊار جي زال جي لاهور ۾ گهر جي نيلامي خلاف داخل ڪرايل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گهر تي تبسم اسحاق ڊار جي دعويٰ رد ڪرڻ جو فيصلو برقرار رکندي گهر جي نيلامي تي جاري ڪيل اسٽي آرڊر به ختم ڪري ڇڏيو

عدالتي فيصلي کانپوءِ پنجاب حڪومت کي اسحاق ڊار جي لاهور ۾ موجود گلبرگ 3 جو گهر نيلام ڪرڻ جي اجازت ملي وئي آهي

واضح رهي ته احتساب عدالت 7 نومبر تي اسحاق ڊار جي گلبرگ 3 لاهور وارو گهر ضبط ڪري ان کي نيلام ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن خلاف اسحاق ڊار جي گهرواري تبسم اسحاق درخواست داخل ڪرائي هئي

تبسم اسحاق موقف اختيار ڪيو ته گلبرگ III لاهور جو گهر منهنجي ملڪيت آهي، اسحاق ڊار اهو گهر 14 فيبروري 1989ع تي تحفي ۾ ڏنو هو، احتساب عدالت منهنجي دعويٰ جي جاچ کانسواءِ ئي گهر تي قبضو ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو

عدالت اشتهاري ۽ روپوش ن ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار جي گهر واري جي دعويٰ رد ڪندي پنجاب حڪومت کي گهر کپائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي