اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس ڪالعدم قرار

0
233
عمران خان جي گرفتاريءَ جو نوٽيس: آءِ جي اسلام آباد، گهرو سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل 15 منٽن  اندر طلب
عمران خان جي گرفتاريءَ جو نوٽيس: آءِ جي اسلام آباد، گهرو سيڪريٽري ۽ ايڊيشنل اٽارني جنرل 15 منٽن  اندر طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو، جسٽس محسن اختر ڪياني سي ڊي اي ٽريڊ يونين، سي ڊي اي آفيسرز ايسوسي ايشن ۽ ٻين درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس کي ڪالعدم قرار ڏنو

هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون نئين آرڊيننس تحت نه ٿيون ٿي سگهن، چونڊون پراڻي لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ تحت ڪرايون وڃن

درخواستگذارن لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ جي موجودگي ۾ آرڊيننس ذريعي نئون مڪاني نظام متعارف ڪرائڻ کي چئلينج ڪيوهو

حڪومتي وڪيل جو چوڻ هو ته پارلياماني اجلاس 19 نومبر تي ختم ٿيو ۽ آرڊيننس 23 نومبر تي جاري ڪيو ويو

درخواستن ۾ لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس ۾ چيئرمين جي ڪردار کي محدود ڪرڻ تي به اعتراض اٿاريا ويا هئا ۽ آرڊيننس باقائده قانون نه بڻجڻ تي چونڊيل نمائندن جي مستقبل تي بگ سوال اٿاريا ويا هئا