اسلام آباد: پي ٽي آءِ اڳواڻ شيرين مزاري کي آزاد ڪرڻ کان پوءِ ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي شيرين مزاري جي ڌيءُ ايمان مزاري چيو ته امڙ کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي. امڙ کي پوليس وارا ڪٿي وٺي ويا آهن، ان حوالي سان ڪا خبر ڪانهي.  هن ٻڌايو ته امڙ سان گڏ سينيٽر فلڪ ناز کي به پوليس وار کڻي ويا آهن، اسين اڊيالا جيل مان سندس آزاديءَ لاءِ انتظار ۾ بيٺا هئاسين، پر کس گرفتار ڪيو ويو آهي.  ٻئي پاسي ايمان مزاري الزام هنيو ته سيڪريٽريٽ ٿاڻي پوليس سندس امڙ مٿان تشدد به ڪيو، کيس فرش تي گهليو ويو، هن ٻڌايو ته ان وقت سندس امڙ جون رڙيون به ٻڌڻ ۾ آيون. هن چيو ته مون تي به تشدد ڪيو ويو ۽ امڙ کي ڪنهن ٻئي هنڌ کڻي ويا آهن.