اسراڻن عورت کي شهيد ڪري زيادتي ڪئي، پيپلزپارٽي مظلومن سان گڏ آهي: سهيل انور سيال

0
248
اسراڻن عورت کي شهيد ڪري

پکو: پيپلزپارٽي جي ايم پي اي سهيل انور سيال مقتول ناري فهميده سيال جي وارثن وٽ پهچي ساڻن تعزيت ڪئي ۽ واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سهيل انور سيال چيو ته سيالن سان وڏي زيادتي ٿي آهي

سهيل انور سيال چيو ته پيپلزپارٽي جي قيادت مظلومن سان گڏ آهي ۽ ناظم جوکيو جي قتل واري معاملي ۾ به پارٽي مظلومن سان گڏ بيٺل رهي ۽ هڪ ايم پي اي خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو ۽ فهميده سيال جي قتل واري معاملي ۾ به هڪ ايم پي اي جي پيءُ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس 4 جوابدار گرفتار ڪيا آهن جڏهن ته 2 جوابدار ضمانت تي آزاد آهن

مختلف سوالن جي جواب ۾ سهيل انور سيال چيو ته سنڌ جي روايت آهي ته اسان عورتن جو احترام ڪندا آهيون ۽ عورتن جي اچڻ تي خون به معاف ڪري ڇڏيندا آهيون پر هن واقعي ۾ گوليون هڻي سيالن جي هڪ عورت کي شهيد ڪيو ويو، جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي. هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپور به اهي هدايتون ڏنيون آهن ته مقتول ناريءَ جي وارثن کي انصاف ڏياريو وڃي، اسان ظلم ڪندڙن نه پر مظلومن جي حمايت ڪنداسين ۽ هنن جو ساٿ ڏينداسين

لاڙڪاڻي جي سرڪاري اسپتال ۾ زخمين جو علاج نه ٿيڻ واري شڪايتن تي سهيل انور سيال چيو ته اهي شڪايتون ۽ الزام درست ثابت ٿيا ته هڪ ٻي ايف آءِ آر ايم ايس جي خلاف به داخل ڪئي ويندي

ھي به پڙھندا

پکو: فهيمده ڪيس ۾ ايم پي اَي گهنور اسراڻ جو پيءُ شهيد اسراڻ جلد گرفتار ٿيندو:سھيل سيال