اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ  سماءَ جي وفاقي  وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اسرائيل جو دورو ڪندڙ پي ٽي وي جي اينڪر احمد قريشي کي عهدي تان هٽايو ويو آهي، جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو آهي ته فلسطين جي حمايت بابت پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي ۽ نه ئي تبديلي ايندي، عوام جي خواهشن جي ابتڙ ڪا پاليسي يا ڪو قدم نه ٿو کڻي سگهجي، هن چيو ته سستي سياسي شهرت لاءِ هر منفي قدم کڻڻ وارا قومي مفادن جو ته خيال ڪن، اسرائيل جي دوري ۾ شامل پي ٽي وي جي اينڪر کي عهدي تان هٽائي کيس آف ايئر ڪيو ويو آهي، جيڪو پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ دوري تي ويو هو.