غزه(م ڊ) يهودي فوج نصيرت ڪيمپ ۾ اسڪول ۾ پناهه وٺندڙ فلسطينين مٿان حملو ڪري ڏنو، عورتن ۽ ٻارن سوڌو 40 ماڻهو شهيد ٿي ويا. ڪيترائي زخمي ٿي پيا، بمباري ۾ اسڪول تباهه ٿي ويو، اسرائيلي فوج جي دعويٰ آهي ته اسڪول ۾ حماس جا ويڙهاڪ موجود هئا، جن کي نشانو بڻايو ويو. هوڏانهن غزه سرڪاري ميڊيا جي ترجمان اسرائيلي وضاحت کي رد ڪندي چيو ته اسرائيل مظلوم فلسطينين تي حملن جو جواز پيش ڪرڻ لاءِ من گهڙت ڪهاڻيون گهڙي رهيو آهي. فلسطيني صحت واري وزارت موجب اسرائيلي حملن ۾ شهيد فلسطينين جو تعداد 36 هزارن کان وڌيڪ ٿي ويو آهي، جڏهن ته اسرائيلي حملن ۾ هن وقت تائين 83 هزار فلسطيني زخمي ٿي پيا آهن. هوڏانهن اتر اسرائيل تي حزب الله جي ميزائل ۽ ڊرون حملن ۾ 2 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. حزب الله جي ويڙهاڪن طرفان اسرائيلي علائقي ڪريات شمونا تي به ميزائل حملو ڪيو ويو، جنهن سبب هڪ گهر ۾ باهه لڳي وئي. اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو حملي کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ فوجي تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪريات شمونا جو دورو ڪيو هو.