غزه(م ڊ) غزه ۾ اسرائيلي فوج درندگي جو مظاهرو ڪندي جباليه ڪيمپ ۾ گهر خالي نه ڪرڻ تي هڪ پيرسن فلسطيني عورت تي ڪتا بڇي ڇڏيا، الجزيره طرفان حاصل ڪيل وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جباليه پناهگير ڪيمپ ۾ فوجي آپريشن دوران اسرائيلي فوجين جو ڪتو پيرسن فلسطيني عورت جي گهر ۾ داخل ٿي ان مٿان حملو ڪري ڏنو، دولت التناني عورت جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، اسپتال ۾ طبي سهولتون ميسر نه هئڻ ڪري ان جو اڃا تائين مناسب علاج ناهي ٿي سگهيو. متاثر عورت الجزيه سان ڳالهائيندي چيو ته پنهنجي گهر مان نڪرڻ کان انڪار ڪيو ته اسرائيل فوج مون تي ڇتوڪتو ڇڏي ڏنو جنهن حملو ڪري مون کي رتورت ڪري ڇڏيو.