غزه: (م ڊ) اسرائيل غزا تي حملن ۾ شدت آڻيندي هلال احمد اسپتال ۽ شهر جي واحد ڪورونا ٽيسٽنگ ليبارٽري کي تباهه ڪري ڇڏيو. جڏهن ته اسرائيلي راڪيٽ حملن ۾ اسلامي يونيورسٽي جي هڪ عمارت مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي، جڏهن ته لاڳيتو 8 ڏينهن کان جاري بمباري سبب شهيدن جو انگ 213 ٿي ويو آهي. هوڏانهن حماس جي اسرائيل مٿان راڪيٽ حملي ۾ 10 اسرائيلي به مارجي ويا آهن. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب غزه تي اسرائيل جي بمباري لاڳيتو اٺين ڏينهن به جاري رهي. راڪيٽ حملن ۾ اسلامي يونيورسٽي جي هڪ عمارت مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي. خوشقسمتي سان حملي وقت شاگرد ۽ عملو يونيورسٽي ۾ موجود نه هو. غزه ۾ اٺن ڏينهن کان جاري بمباري ۾ شهيد ٻارن جو انگ 61 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 35 عورتون ۽ 16 بزرگ شامل آهن. 1400 کان وڌيڪ زخمي آهن. ٻئي طرف غزه مٿان حماس به اسرائيلي علائقي تي راڪيٽ فائر ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ 10 اسرائيلي به مارجي ويا. جڏهن ته لبنان طرفان به اسرائيلي زمين تي راڪيٽ فائر ڪيا ويا.هوڏانهن آمريڪي صدر جوبائيڊن چوٿون ڀيرو اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو کي ٽيليفون ڪيو آهي ۽ غزه ۾ سيز فائر جي حمايت جو يقين ڏياريو آهي، پر نيتن ياهو حملا روڪڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته آمريڪي صدر اسرائيل کي هٿيارن جي وڪرو جي به منظوري ڏني آهي جنهن تي مسلمان پارليامينٽ جي ميمبر عمر الهان به سخت احتجاج ڪيو آهي. ترڪ صدر طيب اردوان آمريڪا طرفان اسرائيل کي هٿيار وڪرو ڪرڻ جي منظوري تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته جوبائيڊن اسرائيل جي حمايت ڪري پنهنجا هٿ فلسطينين جي رت سان رڱي ڇڏيا آهن. ٻئي پاسي چين آمريڪا کان اسرائيلي حملا روڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان زائوليجيان پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته اسرائيل ۽ فلسطين جي وچ ۾ هن وقت 2014 کان پوءِ کان هينئر تائين جو سڀني کان وڏو تڪرار پيدا ٿيو آهي جنهن جي حل جي لاءِ آمريڪا کي پنهنجون ذميواريون نڀائڻ گهرجن. هن چيو ته اسرائيل کي صبر سان ڪم وٺندي مسلمانن جي خلاف تشدد، ڌمڪين ۽ چڙ ڏيارڻ جو سلسلو بند ڪرڻ گهرجي. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته فسطين ۾ متاثرين کي امداد جي سخت ضرورت آهي ۽ انساني همدردي جي تحت سمورا ملڪ ملي فلسطيني عوام جي ڏکن جو حل ڪڍن.ترجمان فلسطين جي لاءِ ڪيل ڪاوشن جو ذڪر ڪندي چيو ته چين سلامتي ڪائونسل ۾ 2 ڀيرا مشاورت ڪئي جنهن جو مسودو به تيار آهي جنهن جي بنياد تي پرڏيهي وزير وانگ اي 16 مئي تي سلامتي ڪائونسل ۾ کليل خيالن جو اظهار ڪيو ۽ 2 رياستي حل به پيش ڪيا.واضح رهي ته هڪ هفتي کان غزه تي اسرائيل جي لاڳيتو بمباري جي نتيجي ۾ 200 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ سوين زخمي ٿي چڪا آهن.