اسان کي تنقيد سان ڪو به فرق نه ٿو پوي، اسان آئين ۽ قانون مطابق هلون ٿا: چيف جسٽس

0
57
جيڪڏهن آرڊيننس آڻڻا آهن ته پوءِ پارليامينٽ کي ئي بند ڪري ڇڏيو: چيف جسٽس
جيڪڏهن آرڊيننس آڻڻا آهن ته پوءِ پارليامينٽ کي ئي بند ڪري ڇڏيو: چيف جسٽس

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته اسان کي تنقيد سان ڪو به فرق نه ٿو پوي، اسان آئين ۽ قانون مطابق هلون ٿا، سچ انسان کي آزاد ڪري ڇڏي ٿو

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ صحافين جي هراسمينٽ بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته سچ ته هر طرف کان بلڪل غائب ٿي چڪو آهي، ڇا صحافي ڪوڙ رپورٽ ڪري سگهي ٿو؟

اٽارني جنرل ٻڌڻي دوران عدالت کي خاطري ڪرائي ته صحافين خلاف ايف آءِ اي جا نوٽيسز چونڊن کانپوءِ کنيا ويندا، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي هلائي

 چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون واضح آهي، جيستائين ججز ڪميٽي ۾ معاملو نه وڃي عدالت ڪو به حڪم جاري نه ٿي ڪري سگهي، مسئلو اهو آهي ته هتي ڪير به پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي، ڪالهه عدالت ان جي ڪري ئي ڪو حڪم جاري نه ڪيو

چيف جسٽس چيو ته هاڻي قانون مطابق سسٽم ٺهي چڪو آهي، ڪميٽي کانسواءِ اڳتي نه ٿا وڌي سگهون، جيڪڏهن عدالت ائين ئي سو مو ٽو وٺندي ته صحافي اعتراض ڪندا، ڪيس اڳتي ڪيئن وڌايون اهو ٻڌايو