اسان وٽ سائنسدان پيدا ڇو ڪونه ٿا ٿين؟

0
81
اسان وٽ سائنسدان پيدا ڇو ڪونه ٿا ٿين؟

 “اسان وٽ سائنسدان پيدا ڇو ڪونه ٿا ٿين؟” بظاھر سادي پر ھن معصوم سوال کي مونکان منھنجي ھڪ ساٿي استاد پاران ان وقت پڇيو ويو، جڏھن ٻار موڪل وقت پنھنجي پنھنجي گھرن ڏانھن راھي ھئا. رمضان شريف جي ڪري سرڪار جي ھدايتن ھيٺ ھونئن به اڄڪلھ اسڪولَ پنھنجي معمول جي وقتن ۾ ٿوري گھڻي ڦير ڦار ڪري پنھنجين درس ۽ تدريس وارين سرگرمين کي ساجھر سويلو شروع ڪن ٿا ۽ جلدي ختم ڪن ٿا. سو، ھنن ڏينھن ۾ انتظاميا کي به ڪجھ وقت ملي ويندو آھي اسڪولن جي مسئلن تي استادن سان گفتگو ڪرڻ ۽ ھڪٻئي کان ڪجھ نيون پراڻيون شيون سکڻ جي لاءِ، جيڪو عام معمول واري حالتن ۾ ممڪن انھيءَ ڪري به ناھي ٿي سگھندو، ڇاڪاڻ جو ھر ڪنھن کي تڪڙ ھوندي آھي اسڪول مان نڪرڻ جي ۽ پنھنجي پنھنجي ڪمن ڪارين سان سلھاڙجڻ جي، جيئن ٽيوشنون پڙھائڻ يا ٽيوشن سينٽرن ڏانھن وڃڻ جي. اسٽاف روم ۾ سڀ استاد مون سان انھيءَ سوال تي بحث ۾ ھئا ۽ سوالن جوابن جو ھي سلسلو ھلي رھيو ھو ته اتي مونکي ٻه آرٽيڪل ياد اچي رھيا ھئا. ھڪ ھو منھنجو اھو آرٽيڪل، جنھن جو عنوان ھو “سنڌ ۾ سائنس جي استادن جي کوٽ”، جيڪو 17 آگسٽ، 2023ع تي پنھنجي اخبار ۾ ڇپيو ۽، ٻيو ھو ملڪ جي مشھور ماھرِ طبعيات پرويز ھودڀائي جو ھڪ آرٽيڪل “اسان سائنس کان خوف ڇو ٿا کائون؟”، جنھن کي ٻه سال اڳ مون ڪنھن سائنسي جرنل ۾ پڙھيو ھو. مون پنھنجي آرٽيڪل ۾ انھن بنيادي سوالن تي تفصيل سان ڳالھ ٻولھ ڪئي آھي، جيڪي سنڌ ۾ سائنس جي استادن جي کوٽ واري مسئلي سان تعلق رکن ٿا. “ٽيچرز ريڪروٽمنٽ پاليسي (ٽيچنگ اينڊ نان – ٽيچنگ) – 2017ع اندر سنڌ ۾ سائنس جي استادن جي کوٽ واري ھن اھم مسئلي تي روشني وڌي وئي آھي. ساڳي پاليسي ۾، ٿوري گھڻي ڦير گھير ڪري ساڳي نالي “ٽيچرز ريڪروٽمنٽ پاليسي (ٽيچنگ اينڊ نان – ٽيچنگ) – 2021ع” سان بعد ۾ عوام آڏو آندو ويو ۽ ھن پاليسي ھيٺ سکر آءِ بي اَي يونيورسٽي جي ذريعي پي ايس ٽيز ۽ جي اي ايس ٽيز جون ٽيسٽون ورتيون ويون. سنڌ ايجوڪيشن مينيجمنٽ انفارميشن سسٽم (SEMIS)  جي سال 2015ع جي انگن اکرن موجب، کاتي ۾ ڪم ڪندڙ استادن جي ڪل تعداد ۾ سائنس مضمونن کي پڙهائيندڙ استادن جو تعداد صرف 9.7 سيڪڙو يعني لڳ ڀڳ 10 سيڪڙو آهي، جڏهن ته آرٽس جي مضمونن کي پڙهائيندڙ استادن جو تعداد 90.3 سيڪڙو يعني تقريبن 90 سيڪڙو آهي. سائنس ٽيچرز تي تازن انگن اکرن جي لاءِ آر ايس يو ۽ اسڪول تعليم ۽ خواندگي کاتي سنڌ جي ويب سائيٽس جي ڦٿول ڪئي پر افسوس مونکي پنھنجي گھرج مطابق خاطر خواھ ڪاميابي پلئه نه پئي. لکڻ جو مقصد ھي ھوندو آھي ته سنڌ جي اھم ۽ ٻرندڙ مسئلن تي اسان جا عوامي نمائندا، ڪامورا ۽ حڪومتون ڌيان ڏين پر، “رات وئي گذري، ڳالھ وئي وسري” مصداق اسان وٽ اخبارن ۾ ڇپيل ھر آرٽيڪل جي عمر فلم جي آئٽم سانگ جيتري به ناھي ھوندي، ڇاڪاڻ جو چوويھ ڪلاڪن بعد وري نون موضوعن ۽ نون مسئلن تي ٻيا آرٽيڪل اسان ۽ توھان جي سامھون اچي ويندا آھن ۽ مسئلن کي اپٽارڻ ۽ حڪمرانن جو ڌيان ڇڪائڻ وارو ھي سلسلو سالن پڄاڻان ائين ئي ھلندو رھي ٿو. ٻيو صاحبن وٽ ايترو وقت به ڀلا ڪٿي ھوندو آھي جو اھي اخباري آرٽيڪلن کي پڙھن ۽ پنھنجا مٿا کُسائين. 2010ع ۾، ارڙھين ترميم پاس ٿيڻ کانپوءِ به ۽، تعليم سان گڏ ڪافي کاتا صوبن جي حوالي ٿيڻ جي باوجود به، پاليسيون اڄ به وفاق ئي تيار ڪري ٿو ۽، اسان جي صوبائي حڪومتن کي ھر ننڍي وڏي معاملي جي سلجھاءُ، نبيري ۽ سنڀال جي لاءِ وفاق جي ھدايتن تي ئي ڀاڙڻو پوي ٿو. ڳالھ چٽي لڳي پئي آھي ته جتي ھر معاملي جي لاءِ ٻين ڏانھن ڏسڻو پوي، ات سائنسدان پيدا ٿيڻ ته پري رھيو پر، پيدا ٿيڻ جا خواب به نٿا ڏسي سگھجن.

اسان وٽ سائنسدان ڇو پيدا ڪونه ٿا ٿين؟ ان جا اسان وٽ ڪيترائي عام ۽ خاص سبب آھن. عام سببن ۾، عوام جو جديد علمن خاص طور تي سائنس جي تعليم ڏانھن لاڙو ۽ رويو آھي ۽، خاص سببن ۾، حڪمرانن جي سوچ ۽ حڪومتي پاليسيون آھن. پاڪستان ۾ شامل سڀني علائقن کي خدا تعالى بيشمار نعمتن، وسيلن، ۽ جفاڪش ماڻھن سان نوازيو آھي. پر انھن سڀني مان ڀرپور فائدو وٺڻ ۽ ملڪ لاءِ ناڻو ڪمائڻ جي بدلي اسان ملڪ جي ھر ڪمائو اداري، وسيلي ۽ ماڻھن جي زندگين کي داءُ تي لڳائڻ سان گڏ عالمي مالياتي ادارن وٽ يا ته گروي رکي ڇڏيو آھي يا وري خانگائي ڇڏيو آھي. جيڪي بچيا آھن، انھن کي خانگائڻ جون تياريون حتمي مرحلن ۾ داخل ٿي چڪيون آھن. تازو مثال پي آءِ اَي آھي. اسٽاف روم ۾، ويٺل سڀني استادن کي پنھنجي ڄاڻ، سمجھ، تجربي ۽ وت وس آھر ھنن جي سوالن جا جواب ڏيڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي، ان سڄي ڪوشش جو لبِ لباب ھي آھي ته اسان جي ملڪ ۾ سائنس جي علم مان ڀرپور فائدو کڻڻ ۽ تحقيق جي بنياد تي سماج ۾ تبديلي آڻڻ ۽ ترقي ڪرڻ تي شروع کان ئي ڌيان ناھي ڏنو ويو. سائنس بقول پرويز ھودڀائي جي: “ھڪ سرشتي ۽ سخت (بي رحم) علم جو نالو آھي.” مطلب تہ سائنس صرف نظريي يا مخصوص قسم جي علم جو نالو ناھي پر اھو شين، لقائن ۽ سببن تي غور ڪرڻ ۽ انھن کي ثابت ڪرڻ جي لاءِ مشاھدن، تجربن، مفروضن ۽ تحقيقن تي آڌاريل علم آھي. مشاھدن، تجربن، تحقيقن ۽ مفروضن کي ثابت ڪرڻ جي لاءِ ھڪ بي رحم ۽ سازگار ماحول جي ضرورت هوندي آهي. سائنس جو علم ئي اسان کي چوي ٿو ته جتي شڪ پيدا ٿئي اتي سوال ڪريو. سوال ڪيئن ڪجي، ڇا اسان جي اسڪولن ۾ ان قسم جي تعليم ڏني وڃي ٿي؟ ڇا اسان جي درسي ڪتابن ۾ تنقيدي سوچ (ڪرٽيڪل اينالائسز) پيدا ڪرڻ واري مواد کي شامل ڪرڻ جي اجازت آھي؟ ڇا اسان جا استاد ھن قابل آھن تہ شين ۽ لقائن جو تقابلي جائزو وٺي سگھن؟ جيتوڻيڪ سوال ڪرڻ اسڪول پڙھندڙ ھر ٻار ۽ ھر سکندڙ جو حق آھي پر جيئن ئي ھو پنھنجي حقن جي ڳالھ يا گُھر ڪن ٿا ته ٻئي ڏينھن تي کنڀجي وڃن ٿا ۽ شڪ ڪرڻ يا ٿيڻ تي ڪنھن جي جان به ورتي وڃي ٿي. جتي ھن قسم جي سوچ، رويو ۽ لاڙو ھوندو، ات سائنسدان پيدا جيڪڏھن ٿي به پئي ٿو ته ان سان سنڌ جي پروفيسر اشوڪ ڪمار، ڊاڪٽر عبدالسلام ۽ پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻائيندڙ ڊاڪٽر عبدالقدير خان جھڙي ويڌن ڪئي وڃي ٿي.

ھاڻي اچو ته تاريخي ڏيٺ ويٺ (تناظر) جي حساب سان توھان کي ٻڌايون ته اسان وٽ جديد علم، جديديت، سائنس ۽ تحقيق کي ڪھڙي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو. پرويز ھودڀائي جي خيالن ۾: مغل گڏيل ھندستان جا لڳ ڀڳ ساڍا ٽي سئو سال اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ رھيا. سندن جي انھيءَ دور ۾ جن شين ھندستان ۾ ترقي ڪئي، انھن ۾ وڏيون ۽ عاليشان مسجدون، وڏا عاليشان باغ، موسيقي ۽ آرٽ، انتظامي مامرن سان گڏ عمارت سازين وارا ڪم سرِفھرست آھن. فلسفي، دانش، ۽ سائنس جي حوالي سان اسان کي ڪٿي به ڪوبه ادارو، ڪاليج يا يونيورسٽي ڳولڻ سان به نٿو/ نٿي ملي. ھو چوي ٿو شايد (۽ يقينن) اھوئي سبب ھو جو گوري سرڪار جي فوج، جنھن جو تعداد چاليھن کان پنجاھ ھزار وچ ۾ مس ھو، جديد ھٿيارن، جديد جنگي طور طريقن ۽ ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڪجھ ئي سالن اندر ھندستان جي ان عظيم سلطنت تي قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، جنھن جي پوري ھندستان ۽ پوري دنيا ۾ ڪڏھن ڌاڪ ويٺل ھئي. ھو اسان کي ٻڌائي ٿو ته ھندستان ۾، جديد يعني سائنسي تعليم جا ٽي مکيه محرڪ (ايجنٽس) رھيا آھن. ھڪ گوري سرڪار خود، ٻيو جديد تعليم جي تبليغ ڪندڙ ادارا (مِشنري اسڪولَ)، ٽيون ھندن ۽ مسلمانن ۾ شامل اھي سماج سڌارڪ، جيڪي جديديت ۽ جديد تعليم جا ڀرپور حمايتي ھئا. ھندن ۾ انھن سماج سڌارڪن جو تعداد ڳاڻيٽي کان ٻاھر ھو پر مسلمانن ۾ صرف سر سيد احمد خان اھو ھڪڙو ماڻھو ھو، جيڪو جديد يعني مغربي تعليم جو حامي بڻيل ھو. سر سيد احمد خان جيڪي جيڪي جديد تعليم جا ادارا کوليا، انھن ۾ مسلمان شاگردن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ جي برابر ھو. ڇاڪاڻ جو مسلمان جديد تعليم کي پنھنجي عقيدي تي حملو قرار ڏيندا ھئا. ان جو ھڪ مثال ڏيندي ھو چوي ٿو ته ڪلڪتو يونيورسٽي تنھن وقت انڊيا جي اھا واحد يونيورسٽي ھئي، جيڪا جديد تعليم ڏيڻ سان گڏ سيڪيولر ماحول به رکندڙ ھئي. يونيورسٽي جي معيار جو ھن ڳالھ مان اندازو لڳايو ته 1858ع ۾، سوين ھندو شاگردن جي ڀيٽ ۾، صرف ٻه مسلمان بي اي جي ڊگري حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. وڏي ڳالھ ته ڪلڪتو شھر ئي مسلمانن جي اڪثريتي آبادي وارو ھو. لاھور ۾ ھڪ عورت جي لباس تي لکيل ھڪ لفظ “حلوہ” تي ممڻ مچڻ ۽ ان عورت کي ھيسائڻ وارا منظر اسان جي ان سوچ جي خوب عڪاسي ڪن ٿا ته اسان کي جديديت ۽ سائنس جي تعليم سان ڪيترو پيار آھي.