اسان وٽ به اپوزيشن جا ميمبرز آهن، اتحادي سوچي سمجهي فيصلو ڪن: شيخ رشيد

0
169
عمران خان وڌيڪ

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته جيڪڏهن اپوزيشن وٽ اسان جا ڪجهه ميمبرز آهن ته اسان وٽ به اپوزيشن جا ڪجهه ميمبرز آهن، اتحادي سوچي سمجهي فيصلو ڪن، عثمان بوزدار عمران خان کي ڇڏي ڪاڏي به نه پيو وڃي، ملڪ ۾ چونڊون جلدي به ٿي سگهن ٿيون

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته جي يو آءِ کي ان جي مطالبي تي جلسي جي اجازت ڏني وئي، ن ليگ اڃا تائين جلسي جي ڪا به درخواست ناهي ڏني، سڀاڻي ڪو واقعو ٿيو ته گهرو وزارت ذميوار نه هوندي، عمران خان 27 مارچ تي پريڊ گرائونڊ ۾ تاريخي جلسو ڪندو

هن چيو ته بلاول جا اڃا کير جا ڏند ناهن ٽٽا، هو ته چئي پيو او آءِ سي ڪانفرنس نه ٿيندي پر او آءِ سي جي تاريخي ڪانفرنس ٿي، هن سمورن ادارن کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو

هن چيو ته اپوزيشن کي هاڻي فوج جو خيال اچي ويو آهي تمام سٺي ڳالهه آهي، ڪوئي شڪ ناهي ته پاڪ فوج عڊيم فوج ۽ عدليه پري آهي، جيڪو فوج يا عدليه جي خلاف مهم هلائيندو ان کي سختي سان ڪُچلي ڇڏيندس، چاهيون ٿا ته جمهوريت ۽ ملڪ اڳتي وڌن، پارٽيون مٽائڻ سان ڪا به عزت ناهي ملندي

ھي به پڙھندا

سڄي قوم 27 مارچ تي ٻاهر نڪري: وزيراعظم جو پيغام