اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي  اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت صلاحڪار ذلفي بخاري چيو آهي ته اسان ۾ ايتري صلاحيت آهي جو پورو ملڪ بند ڪري سگهون ٿا. برطانوي خابرو اداري بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي ذلفي بخاري جو چوڻ هوته قومي ۽ عالمي حيثيت وارو ليڊر سمجهوتو ته ڪري سگهي ٿو پر پنهنجن مقصدن تان پوئتي نٿو هٽي سگهي، عمران خان محسوس ڪيو ته پاڪستاني پاڪستانين سان، فوج ۽ پوليس سان وڙهي پوندا، عمران خان ڏٺو ته ڀاءَ ڀاءَ کي ماريندو، رتوڇاڻ ٿيندو، فائدو شريفن ۽ زردارين کي ٿيندو، نظر ايندڙ نقصان کي ڏسندي عمران خان 6 ڏينهن جو وقت ڏنو آهي. اڳوڻي صلاحڪار چيو ته چونڊن جي تاريخ نه ڏني وئي ته تحريڪ انصاف سموري ملڪ ۾ لاڪ ڊائون ڪندي، مان ائين نه چوندس ته هر مسئلي ۾ اسٽيبلشمنٽ کي ملوث ڪرڻ گهرجي، اسٽيبلشمنٽ ڪلهه وڏو نيوٽرل ڪردار ادا ڪيو، فوج رڳو آرٽيڪل 245 تحت سرڪاري ۽ عوامي ملڪيت جي حفاظت لاءِ گهرائي وئي هئي. عمران خان جي اڳوڻي صلاحڪار جو چوڻ هو ته حڪومت پنهنجي هوڏ سبب سڄو ملڪ تباهه ڪري ڇڏيندي، جڏهن ته عمران خان جي ڪابه انا ۽ ضد ناهي پر سندس سامهون هڪ مقصد آهي، جيڪڏهن ته ڇهن ڏينهن ۾ بنا ڪنهن جاني ۽ مالي نقصان جي اهو مقصد پورو ٿي وڃي ته هي تمام وڏي ڪاميابي هوندي. پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته هن ڀيري اسان لاهور، ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ لاڪ ڊائون ڪنداسين، اسان انهن شهرن جو لاڪ ڊائون ڪنداسين جنهن تي ملڪي معيشت ڀاڙي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن ته معيشت نه هلي سگهندي تڏهن ئي حڪومتي اتحاد کي صحيح معني ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو، ضروري ناهي ته هر شخص اسلام آباد پهچي، اسان ۾ صلاحيت آهي ۽ سڄي ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد کي لاڪ ڊائون ڪري سگهون ٿا. ذلفي بخاري چيو ته اسان جو مقصد اهو ڏيکارڻ هو ته اسان جڏهن چاهيون جتي چاهيون پهچي سگهون ٿا ۽ سڄو ملڪ بند ڪري سگهون ٿا ۽ اهو سڀ ڏيکارڻ ۾ اسان ڪامياب رهياسين. حڪومت سان ڳالهين بابت ذلفي بخاري جو چوڻ هو ته حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ رابطن جي باري ۾ کيس ڪا به ڄاڻ ناهي، پر منهنجي حساب سان يقينن حڪومت تحريڪ انصاف ڏانهن پيغام موڪلي رهي آهي.