حيدرآباد: ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ۽ وفاقي وزير خالد مقبول صديقي چيو آهي ته اسان جي وڏڙن ملڪ ٺاهڻ جو جيڪو ڏوهه ڪيو هو، ان جي سزا اسان کي ملي رهي آهي. ڪفر جون حڪومتون قائم رهي سگهن ٿيون پر جبر ۽ ڏاڍ جون حڪومتون قائم نٿيون رهي سگهن. حيدرآباد ۾ جي ڊي سي پاران پريٽ آباد سانحي جي متاثرين کي امدادي چيڪ ڏيڻ واري تقريب ۾ ڳالهائيندي خالد مقبول صديقي چيو ته سنڌ جا شهري علائقا بجيٽ جو 97 سيڪڙو ادا ڪن ٿا پر شهري علائقن جي ترقي تي ڌيان نٿو ڏنو وڃي. حيدرآباد ملڪ جو معاشي ۽ نظرياتي شهر آهي. اسان هتي اڄ هڪ ٻئي سانحي جي تعزيت ڪرڻ لاءِ پهتا آهيون. هن چيو ته پاڪستان ٺاهڻ جو ڪم اسان ڪيو هو ۽ ان کي پالي به اسان رهيا آهيون. ملڪ کي پالڻ جي سزا طور اسان کي ڏک به پالڻا پون ٿا ۽ پريٽ آباد جهڙا سانحا به سامهون اچن ٿا. هن چيوته حيدرآباد جي هر جاءِ تي سانحو لکيل آهي. هن چيو ته جيڪي ماڻهو ڪراچي مان گادي جو هنڌ کڻي ويا هئا اهي جسم ته کڻي ويا هئا پر روح هتي ڇڏي ويا هئا. هن چيو ته سنڌ جو هڪ طبقو اهڙو آهي جيڪو 97 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪري ٿو جڏهن ته هڪ طبقو اهڙو آهي جيڪو 97 سيڪڙو ٽيڪس خرچ ڪري ٿو. اهڙي طريقي سان گهر نٿو هلي سگهي ته صوبو ڪئين ٿو هلي سگهي؟ هن چيو ته جيڪي ملڪ ٺاهيندا آهن اهي ئي ملڪ هلائي سگهن ٿا. ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته حڪومت بيروزگاري ۽ مهانگائي تي ضابطو نه پئي آڻي. پريٽ آباد سانحي جي تعزيت لاءِ حيدرآباد آيا آهيون.  هن چيو ته انساني جانين جو ڪو به معاوضو نٿو ٿي سگهي پر انهن سان گڏ اچي ويٺا آهيون ۽ اهو پيغام ڏئي رهيا آهيون ته سانحي جي متاثر ماڻهن جو درد محسوس ڪيو وڃي.