ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊيري اينڊ ڪيٽل فارمرز ايسوسيئيشن جي صدر شاڪر گجر لاھور جي يونيورسٽي آف وٽرنري اينڊ سائنس طرفان ڪراچي سميت ملڪ ۾ 92 سيڪڙو کير غير معياري وڪرو ڪرڻ  ٿيڻ واري ريسرچ رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو، ڪالهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته اهڙي تحقيق ڪندڙ ڊيري فارمر دشمن يونيورسٽيءَ جي پروفيسر کي فارغ ڪيو وڃي، هن چيو ته  ڊيري فارمنگ کي ترقي ڏيارڻ لاءِ ٺاھيل يونيورسٽي  ڊيري فارمرز کي  چٿي رهي آھي، هن وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ ٽي وي اينڪرز کير خلاف مھم ھلائي، اسان پيمرا ذريعي اها مهم بند ڪرائي، هن چيو ته جيڪڏھن لاھور يونيورسٽي جي رپورٽ صحيح آھي ته پوءِ فوڊ اٿارٽي ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي کي بند ڪرڻ گھرجي.