اسان جا لوڪ گيت۽ موسيقي جا رنگ

0
246
امراڻو ۽ راڻا چندر سنگهه جون ساروڻيون

 لوڪ گيت ڪنھن به قوم جي اجتماعي احساسن جو اظهار ھجن ٿا. جيڪي انھي قوم جي ڪلچر ۽ مزاج جي عڪاسي ڪندڙ ھوندا آهن. اياز چواڻي ته لوڪ گيتن جا ٻول ڪنهن ھڪ تخليقڪار يا ڪلاڪار جا ناھن ھوندا انھن ۾ سوين ماڻھن جي صدين جو پورھيو شامل ھوندو آهي. سنڌ ۾ جيڪي لوڪ گيت ڳايا وڃن ٿا انهن جو پنهنجو ھڪ رنگ آهي.انهن گيتن ۾ انفراديت به آهي ۽ اهي گيت مختلف علائقن جي سڃاڻپ به رهيا آهن، سنڌ ۾ ڏورو، ڪجليو،  سھرا، لاڏا، بنڙا لوڪ گيتن جو حصو سمجھيا ويندا آهن. جيتوڻيڪ لوڪ گيتن جي حوالي سان سنڌي موسيقي سرس رهي آهي.

ھاڻي جڏهن ڳالھه لوڪ موسيقي جي نڪتي آهي تڏهن اسان انھن ڪلاڪارن جي گائيڪي کي ضرور ياد ڪنداسين جن جي گلي مان نڪتل لوڪ گيت سنڌ جي سڃاڻپ بڻيا ھئا، اھي گيت خوشي جا ھجن يا وڇوڙي جا ھجن يا وري سانوڻي موسم جي انتظاري جا ھجن جڏهن انھن گيتن کي انھن  ڪلاڪارن سرن جو روپ ڏئي آلاپيو،  تڏهن اھي لوڪ گيت انھن جي سڃاڻپ بڻيا. انھن ڪلاڪارن ۾ جيوڻي ٻائي، نور بانو، قز بانو مائي،  الھوسائي، طالب پالاري، مائي ڀاڳي، جيجي زرينا بلوچ جا نالا قابل ذڪر آهن جن موسيقي جي ميدان ۾ پنهنجو پاڻ ملھايو. انھن ڪلاڪارن جي ڳايل گيتن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. مائي ڀاڳي جي مڌر آواز ۽ لوڪ گيتن کي دنيا جي مختلف خطن ۾ تمام گهڻي پذيرائي ملي. مائي ڀاڳي ته دنيا ۾ لوڪ گيتن کي بنياد مھيا ڪري ڏنو.

سنڌ ۾ ھڪڙا اھي لوڪ گيت آهن جن جي لوڪ شاعري کي اسان اڪثر مقامي فنڪارن جي آواز ۾  پڻ ٻڌندارھيا آھيون. سنڌ ۾  مائي ڀاڳي جي آواز ۾ جتي لوڪ گيتن کي پذيرائي ملي ته ٻيا اھي گيت ھئا جن کي جيجي زرينا بلوچ سڃاڻپ ڏني. جيجي زرينا بلوچ سنڌ جي اسٽيجن تي ڀرپور نموني لوڪ گيت ڳايا  ان کان پوءِ سنڌ جي مختلف علائقن جي فنڪارن پنهنجي پنهنجي انداز سان لوڪ گيت ڳايا آهن. اھڙي ريت جڏهن ٿر جي ڳالهه ڪجي ٿي ته  ٿر جي لوڪ گيتن ۽ لوڪ شاعري ۾ بي پناھه حسن آهي. ٿر ۾ ھڪڙو دور اھو ھوندو جڏهن مقامي راڳين ۾ مائي خديجه، مائي نسي، مائي ڪسي پنهنجي منفرد انداز سان شادين مرادين ۾ گيت ڳائينديون ھيون ان کان پوءِ صالح فقير، مراد فقير ،ٻڍو فقير  پنهنجي دور جا سٺا لوڪ راڳي ھئا جن کي مقامي سطح تي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. 1960ع کان 1970ع جي وچ واري ڏھاڪي ۾ موسيقي جي ميدان ۾ ٿر جي فنڪارن جو دور عروج تي رھيو، انھي دور ۾ ڪافي فنڪار اڳتي اڀري آيا. انھي کان پوءِ 1980ع کان  1990ع واري ڪيسٽ ڪلچر واري  دور ۾ عارب فقير ۽ حيدر رند کي ماڻهو وڏي شوق سان ٻڌندا ھئا.

عارب فقير پنهنجي درد ڀري آواز ۾جڏهن وڇوڙي جو  گيت “ ڏورو” ڳائيندو آهي تڏهن سچ پچ اکيون آليون بڻجي وڃن ٿيون، ھن جي ڳايل مختلف گيتن کي  اڄ به  مقامي ماڻهوَ  وساري ناھن سگھيا. ھاڻي ته ٿر ۽ عمرڪوٽ واري پاسي مائي ڍائي پڻ پنهنجي منفرد انداز سان لوڪ گيت ڳائيندي آهي. ھن ڪلاڪاره  دھل جي لئي تي مختلف گيت ڳائي سنڌي موسيقي ۾ پنهنجو الڳ مقام جوڙيو آهي. سنڌ ۾ ھڪڙا گيت اھي پڻ آهن جيڪي مختلف وقتن تي شادين مرادين ۽ مختلف خوشين جي موقعن تي ڳايا وڃن ٿا. شادين جي ريتن رسمن ۾ ڳايل اھي گيت شاھڪار ليکيا وڃن ٿا انھن ۾ ڪافي اھڙا گيت آهن جن ۾ سھرا بنڙا ڦوٽاڻا منظر عام تي نه اچي سگھيا آهن انھن ۾ ڪافي سھرا گيت ۽ بنڙا لکت ۾ موجود پڻ ناهن انهن گيتن کي لکت۾آڻڻ جي ضرورت آهي.

ٿر جا سمورا لوڪ گيت سنڌ جي اصلوڪي ادب جو املھه خزانوپڻ آهن. سنڌ جي مھان ڪوي شيخ اياز ڍاٽڪي پارڪري ۽ مارواڙي ٻولين مان اتساھه  وٺي ڪيترائي لوڪ گيت پڻ تخليق ڪيا ھيا.اياز جو “ھمرچي جو ويلو ڙي ” جھڙا خوبصورت گيت اڄ پڻ سنڌ جي اسٽيجن۽  ٽي وي چئنل تي ڳايا وڃن ٿا. جڏهن مائي ڀاڳي جي ڳايل لوڪ گيتن جو ذڪر ڪجي ٿو ته مائي ڀاڳي جنهن خوبصورت انداز سان لوڪ گيت ڳايا آهن ايئن ٻي ڪنهن ڪلاڪار ناهن ڳايا، ھن جا ڳايل گيت سنڌ جي ثقافت جي عڪاسي ڪندا  آهن. مائي ڀاڳي جي امر آواز ۾ توهان لوڪ گيت ٻڌي ڏسو پوءِ اھي گيت سانوڻ من ڀانوڻ جا ھجن يا سرامڻ جي ٽيج جا ھجن، ھن جي آواز ۾  ڳايل ڏورو ھجي يا ڪجليو ھجي لاڏا ھجن يا سھرا ھجن توھان کي ھن جي آواز ۾ ڀرپور لوڪ رنگ جو رچاءُ نظر ايندو. توهان جڏهن ھي ٿري لوڪ گيت“ اري مورياري موريا ميٺو تون ٻوليو گڙتي رات نون آڇون تون ٻوليو گڙتي رات نون” مائي ڀاڳي جي مڌر آواز  ۾ ٻڌو ھوندوته انھي مھل توھان کي ٿر جو ھر منظر دلڪش نظر ايندو.  مراد فقير سان گڏ مائي ڀاڳي جو  ڳايل گيت  “اي چرمي رو بلال سان پيار” تمام گهڻو مشھور ٿيو ھو.

ھونئن به توهان ڏٺو ھوندو ٿر ۾ ڳائي ويندڙ لوڪ موسيقي ۽ ڪلاڪارن جي گائيڪي جو رنگ نرالو آهي. ٿر جي ڪلاڪارن سنڌي موسيقي ۾ جيڪي خوبصورت رنگ ڀريا آهن انھن ۾ سنڌ جي لوڪ رنگن جي جھلڪ نمايان نظر اچي ٿي. ھن وقت سنڌ ۾ لوڪ گيتن کي پذيرائي ڏيڻ جي ضرورت آهي. مقامي سطح تي جيڪي لوڪ فنڪار ڳائن ٿا انهن کي موقعا فراھم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ جيڪي ناياب گيت آهن انھن کي لکت ۾ ڪتابن ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي.سنڌي موسيقي جي اوسر لاءِ سنڌ ۾ سرڪاري سطح تي موسيقي جي سکيا لاءِ ضلعي سطح تي ادارا قائم  ڪرڻ جي ضرورت آهي .