اسان جا امتحاني نظام، ذميداريون ۽ آئيندو!

0
206
اسان جا امتحاني نظام، ذميداريون ۽ آئيندو!

 ڪئلنڊر سال عيسوي هجي يا هجري يا وري سنڌي، ان جا مهينا پنهنجو پنهنجو هڪ مخصوص پسمنظر رکن ٿا. سڀئي ڪئلنڊر سال ٻارنهن مهينن ۽ چئن مندن جي ڦيري  تي مشتمل آهن. پوري دنيا جي ڪافي ثقافتي خطن وٽ توڙي جو پنهنجا ڪئلنڊر ۽ مهينن جا نالا آهن پر گهٽ يا وڌ پوري دنيا پنهنجي ڪاروباري ۽ وهنواري مجبوري يا لين دين جي ڪارڻ عيسوي سال جي ئي پيروي ڪري ٿي. ڪامياب ادارا پنهنجي ڪمن ڪارين جي اڪلاءُ لاءِ پوري سال يعني ايندڙ سال جي لاءِ رٿابندي ڪندا آهن ۽ ان رٿابندي کي هو پنهنجي سرگرمي آڌار ڪئلنڊر جو نالو ڏيندا آهن، جيئن جڏهن ڪو تعليمي ادارو يا تعليمي سرشتو سڄي سال جي لاءِ رٿابندي ڪندو آهي ته هو ان کي اڪيڊمڪ ڪئلنڊر (تعليمي سال) چوندو آهي. اهڙح طرح سان ان تعليمي اداري يا سرشتي سان سلهاڙيل هر اهو اسڪول يا ادارو ان تعليمي سال جي پوئواري ڪندو آهي. تعليمي سال کي سامهون رکي پنهنجي ڪمن ڪارين جو اڪلاءُ ڪندو ويندو آهي ۽ هدفن کي حاصل ڪندو آهي. ڇا هي صحيح نه آهي ته اسان وٽ سرڪاري سطح تي تيار ٿيندڙ تعليمي سال جا ڇهه مهينا اهڙا آهن جن ۾ چئن مهينن کي سرڪار پاران  اهم سرگرمي جي طور تي مخصوص ڪيو ويو آهي ۽ باقي ٻه ٻيا مهينا فطرتي يا ماحولياتي سرگرمي وارا هوندا آهن. جيئن اپريل – مئي مهينا بورڊن جي امتحانن جا، جون – جولاءِ گرمين جي موڪلن جا ته آگسٽ – سيپٽمبر سانوڻي جي مينهن جا. هي ڳالهه به پنهنجي جڳهه تي قائم آهي ته پاڪستان جي چوماسي مند جا جون کان سيپٽمبر تائين وارا چار مهينا ئي بنيادي حيثيت وارا آهن پر آگسٽ ان مند جي انتهائي شڪل ۽ سيپٽمبر ان جي پڄاڻي وارو مهينو هجي ٿو. هي ڇهه ئي مهينا اونهاري جي مند وارا گهڻ ماڻهن ۽ ادارن جي لاءِ “ڪمائو مهينا” به آهن. هي ڇهه ئي مهينا بجلي وارن، اسڪولن، امتحاني بورڊن، استادن ۽ ٽيوٽرن سان گڏ آفيسر شاهي کان وٺي سياستدانن ۽ سماجي ڪارڪنن جي لاءِ واڌو آمدني جي ذريعي طور به مشهور آهن. هر ڪنهن جو پنهنجي ڌنڌي، ذميداري، خواهش يا لوڀ جي حساب سان اگهه ۽ مُلهه مقرر ٿيل آهي. ايئرڪنڊيشنڊز هلن ۽ ٽرانسفارمر سڙن ته بجلي وارا ڪمائين، امتحان هلن ته بورڊ، اسڪول، استاد ۽ ٽيوٽر ڪمائي ڪن ۽ برسات جهجهي پوي ته، سنڌ کي ٻوڏ جي حوالي ڪري ملڪي ۽ غير ملڪي امداد ۽ ڏوڪڙ پيسي مان اسان جا سياستدان، ڪامورا، ۽ سماجي تنظيمون ثواب به ڪمائين ته وري ناماچاري ۾ به ڏينهن ٻيڻي رات چوڻي ترقي ڪن.

اسان هت جيڪڏهن تعليمي سال جي اپريل – مئي ۽ جون – جولاءِ جي ڳالهه ڪنداسين ته اپريل – مئي واري امتحاني سرگرمي مان واندو ٿيڻ بعد جون – جولاءِ لاءِ، اسان مڃيون به کڻي ته گرمين جي موڪلن سبب ٻار مزي ۾ هوندا آهن پر اڄڪلهه جي ڊڪ ڊڪان واري ماحول ۾ هي ٻئي مهينا به ٻارن جي لاءِ ڪنهن مصيبت کان گهٽ ناهن. سمر ڪيمپس، ٽيوشنز ۽ اسڪول هوم ورڪس سان گڏ ٻارن کي ٻيا به کوڙ سارا اهڙا ڪم اسڪولن، ٽيوٽرن ۽ والدين پاران سونپيا وڃن ٿا، جن جي ڪري ٻارن کي هنن موڪلن کي سهڻي نموني سان گهارڻ ۽ تفريح حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪو وقت ئي ڪونه ٿو ملي. حد ته اها آهي جو اسان مان هزارين ڪٽنب اهڙا آهن، جيڪي تفريح ڪرڻ کي ڪنهن به قسم جي اهميت ڪانه ٿا ڏين ۽ مذهبي گناهه، سماجي ڏوهه يا وقت جو زيان تصور ٿا ڪن، خاص طور تي ڪتاب پڙهڻ ۽ فلم ڏسڻ کي. ڏٺو وڃي ته هي ٻئي شيون ٻارن جي ذهني صلاحيتن کي پيدا ڪرڻ ۽ انهن ۾ نکار آڻڻ جو مک سبب بڻجن ٿيون پر پاڻ واري جهان ۾ هي ٻئي شيون ٻارن ۾ بگاڙ جو سبب تصور ڪيون وڃن ٿيون. حقيقت ۾ هي ٻئي شيون اسان ۾ سوال ڪرڻ جي سگهه ۽ تنقيدي سوچ (ڪرٽيڪل ٿنڪنگ) پيدا ڪرڻ جو وڏو سبب آهن. ۽ هن ڳالهه کان به انڪار ناهي ته جتي سرڪاري اسڪولن پنهنجي يونين بازي ۽ سياسي وابستگي سبب پڙهائي سان گڏ تعليمي ماحول جو خاتمو آڻي ڇڏيو آهي، اتي خانگي اسڪول پنهنجي پڙهائي واري ماحول جي حساب سان سٺي ناماچاري رکن ٿا. هنن اسڪولن ۾ پڙهائيندڙ استاد ۽ پڙهندڙ ٻار پنهنجي پنهنجي وهنوار ۾، سچا، ذميدار ۽ محنت ڪندڙ به هوندا آهن پر هت هي به حقيقت آهي ته ساڳيا اسڪول پوءِ چاهي سسٽم جي مجبوري تحت يا هڪٻئي کان گوءِ کڻڻ جي چڪر ۾، امتحانن ۾ نقل ڪرائڻ کان وٺي، هڪٻئي جي استادن، ايڊمنسٽريشن کي کارڻ ۽ ٽاپ گريڊ خريد ڪرڻ جي ايجنٽ طور به مشهور آهن. جڏهن به اسان هي سوال ڪيون ٿا ته هن غلط ڪاري کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڇو ڪونه ٿيون ورتيون وڃن ته جواب ملي ٿو ته سائين هي سنڌ آهي، هت جيسيتائين توهان سسٽم جو حصو نه ٿيندا، توهان ڪڏهن به ڪامياب ٿي ڪونه سگهندا ۽ اهڙي طرح سان دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي به ڪونه سگهندا. هڪ نه سوين مثال سامهون رکندا. ڪوڙن ڊوميسائلن ۽ جڙتو ڊرائيونگ لائسنز جي قصن، نادرا پاران ڪوڙن سڃاڻپ ڪارڊن جي ڪهاڻين کان وٺي غير قانوني پلاٽ گيري جون ڳالهيون ڪندي هو اسان کان ئي سوال ڪن ٿا ته ڇا اسان جا سياستدان ۽ عوامي نمائندا سنڌ جا سڄڻ ۽ قوم جو درد رکڻ وارا آهن؟ ٻيو صرف اسان ناهيون جيڪي ائين ڪري رهيا آهيون. اسان ته چاهيون ٿا ته هن سسٽم ۾ سڌارو اچي، بهتري اچي ۽ غلط ڪاري کي ٻنجو اچي پر پٽيوالي کان وٺي پرائم منسٽر تائين جڏهن هر ماڻهو قانون جي لتاڙ ڪندو رهي ٿو، اخلاقيات سندن لاءِ ڪا معنى نٿي رکي تهر ان سسٽم ۾ حق تي رهڻ، اهليت (ميرٽ) جي ڳالهه ڪرڻ، اصولن تي هلڻ، ۽ غيرجانبدار ٿي رهڻ جي ڪابه سماجي حيثيت ناهي. اسان اهوئي ڪجهه ته ڪريون ٿا، جيڪو سماج ۾ وهي واپري ٿو، ڇاڪاڻ جو اسان پاڻ کي اڪيلائي (آئسوليشن) ۾ نٿا رکڻ چاهيون.

هڪ ڏينهن پنهنجي ڄاڻ خاطر بورڊ امتحانن جا پرچا ڏئي واپس ٿيندڙ ٻارن کان مون جڏهن سندن جي ڪار گذاري جي باري ۾ پڇا پئي ڪئي ۽ چيو ته پرچا ڪيئن پيا ٿين. نقل توهان جي لاءِ وڌيڪ مددگار ثابت ٿي رهيو آهي يا عقل يعني اسڪولن ۾ استادن پاران ڪيل محنت ته، جهٽ پٽ جواب پئي ڏنائون ته سائين سچ هي آهي ته اسان کي سڀڪجهه اچي پيو پر اسان ٻڏ تر (ڊبل مائينڊ) ۾ هوندا آهيون ته متان پنهنجي هلايون ته ناپاس ٿي وڃون، انهيءَ ڪري اسڪول/ ٽيوٽر/ سبجيڪٽ ٽيچر جي واٽس ايپ جو انتظار ڪندا آهيون. جيئن ئي سوالن جا جواب ملي ويندا آهن ڌم لڳي ويندي آهي. هن مان ثابت ٿئي ٿو ته ٻار پنهنجي محنت تي ڀاڙڻ چاهين ٿا پر اهي اسين آهيون، جيڪي محض پنهنجي ڪاروباري مفاد ۽ سماجي احساسِ ڪمتري ۽ لوڀ لالچ کي سامهون رکي ٻارن جي ذهانت جو ستياناس ڪري رهيا آهيون ۽ پاڻ سان گڏ پوري قوم جي مستقبل کي هڪ اهڙي راند جي حوالي ڪري رهيا آهيون، جنهن جي نه اڳياڙي آهي نه پڇاڙي. وڏي ڳالهه ته هن راند جو نه مقصد آهي نه وري ڪا منزل آهي.

وقت اچي ويو آهي ته اسان پاڻ کي تبديل ڪريون. سسٽم سان ويڙهه ڪريون ۽ حڪومتِ وقت خاص طور تي تعليم کاتي وارن کي هي احساس ڏياريون ته بس هاڻي گهڻو ٿيو، هن ٻار دشمن ۽ سنڌ تباهه ڪندڙ امتحاني سرشتي کي ختم ڪري هڪ نئين ۽ “ميرٽ بيسڊ اگزيمنشن پاليسي” (ايم ايِ پي – ميپ) کي مرتب ڪري، ان کي لاڳو ڪري بهتري طرف وک وڌايون. ميپ ذريعي موجودهه بورڊن مان انهن ماڻهن جو صفايو ڪريون، جن پوري سنڌ ۾ پنهنجا ايجنٽ مقرر ڪري ڇڏيا آهن. هنن ايڏي ته وڏي پيماني تي ميرٽ جي لتاڙ ڪري ڇڏي آهي جو انهن ڌرين جا رستا صاف ٿي ويا آهن، جيڪي ميٽرڪ ۽ انٽر جي امتحانن کي منعقد ڪرڻ جي لاءِ ٽئين ڌر جي طور تي مشهور آهن. ميپ جي مدد سان اسان انهن سڀني حربن کي ختم ڪريون، جيڪي ڪٿي نقل ڪرائڻ جي مافيا جي شڪل ۾ موجود آهن ته ڪٿي من پسند گريڊ پيسن تي وٺي ڏيڻ وارن اسڪولن جي صورت ۾ مشهور آهن. ميپ جي ذريعي پرچن جي عالمي ليول جهڙي تياري، امتحانن جي انعقاد ۽ ٽئين ڌر جي تصديقي عمل کي يقين بڻايون ۽ پنهنجي موجودهه امتحاني بورڊن کي بچايون. جيڪڏهن صحيح نيت سان ميپ کي لاڳو ڪريون يا موجودهه پاليسين تي سختي سان عملدرآمد ڪريون ته ڪو شڪ ناهي ته وقت گذرڻ سان گڏ اسان بهتري طرف وينداسين ۽ هڪ ڏينهن هڪ اهڙي موثر امتحاني سرشتي جو حصو ٿي وينداسين جنهن ۾ نقل، پيسا، سفارش ۽ پنهنجا نوازي جا هڙئي چور دروازا / رستا (شارٽ ڪٽس) مڪمل طور تي بند هوندا.