اسان تي سچي تنقيد ڪريو، سڀ کان وڏو مسئلو فيڪ نيوز ۽ پروپيگنڊا جو آهي: وزيراعظم

0
172
ڀ کان وڏو مسئلو فيڪ نيوز
اسان تي سچي تنقيد ڪريو، سڀ کان وڏو مسئلو فيڪ نيوز ۽ پروپيگنڊا جو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن اسان تي تنقيد ڪريو ٿا ته پوءِ سچي تنقيد ڪريو جڏهن ته اسان وٽ سڀ کان وڏو مسئلو جعلي خبرن ۽ پروپيگنڊا جو آهي.

ڊجيٽل ميڊيا ڊولپمينٽ پروگرام جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان چيو ته دنيا ڊجيٽل ميڊيا طرف وڃي رهي آهي ، هن وڌيڪ چيو ته هو نوجوانن لاءِ ڊجيٽل ميڊيا ڊولپمينٽ پروگرام جي شروعات سان تمام گهڻو خوش آهي.

هن چيو ته نوجوانن کي ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي گهٽ نه سمجهڻ گهرجي ۽ هميشه وڏي مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي ، توهان جيترو وڌيڪ ڪوشش ڪندا ، اوترو وڌيڪ توهان کي حاصل ٿيندو.

هن وڌيڪ چيو ته اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو جعلي خبرون ۽ پروپيگنڊا آهي. صحافت ۾ غلط خبرون گهڻي عرصي تائين نٿيون هلن. اسان جي حڪومت چاهي ٿي ته  سچ لکيو وڃي. اسان ميڊيا کي آزاد ڇڏيو  آهي.

آزاد ڪشمير جي وزير اعظم جي حوالي سان ٽن وڏين اخبارن فرنٽ پيج تي لکيو ته هن کي زائچو ڪڍي يا جادو جيڪري چونڊيو ويو آهي، جيڪڏھن اھو انگلينڊ ۾ لکيو وڃي ھا ته مون کي گھٽ ۾ گھٽ ھڪ ملين ڊالر ملن ھا جيڪي مان خيرات لاءِ موڪليان ھا.