ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا اروشي روٽيلا سدائين خبرن ۾ رهندي آهي . تازو ئي هن پنهنجي ماءُ جي سالگرهه جي تقريب ۾ زبردست ڊانس ڪئي آهي. ان ڊانس جون ڪجهه وڊيوز سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيون ويون جيڪي وائرل ٿي ويون. اداڪارا اروشي روٽيلا انسٽاگرام تي پنهنجي ماءُ جي سالگرهه جون ٽي وڊيوز  شيئر ڪيون آهن. انهن وڊيوز ۾ هوءَ چمڪندڙ لباس ۾ نظر اچي رهي آهي ۽ خوبصورتي سان رقص ڪندي نظر اچي رهي جڏهن ته ڪجهه ماڻهن سندس تعريف ته ڪجهه ماڻهن وري کيس ٽرولنگ جو نشانو بڻايو آهي.