ارطغرل غازي ۾ حليمه سلطان جي ڪردار جو وائيس اوور ڪنھن ڪيو؟

0
873

ڪراچي (شوبز نيوز) ترڪي جي مشھور ڊرامي ارطغرل غازي جي ڪردار ۾ حليمه سلطان جي اردو آواز ۾ ڊبنگ ڪندڙ پاڪستاني آرٽسٽ رابعه راجپوت خواهش جو اظهار ڪيو ته حليما (اسرا بلگيج) پاڻ ان جي ڪم جي ساراهه ڪري، ارطغرل غازي ڊرامو نه رڳو پاڪستان ۾ پر ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ مشهور ٿيو، جڏهن ته ڊراما پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) تي نشر ڪيو پيو وڃي، اداڪاره حليما سلطان جو آواذ پاڪستاني وائس اوور آرٽسٽ رابعه راجپوت پاران اردو ۾ ڊب ڪيو ويو . هڪ ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ رابعه چيو ته جڏهن شروع ۾ اردو ترجمي جي لاءِ پروڊڪشن هائوس کان ڪال آئي ته وقت جي ڪمي جي ڪري صاف انڪار ڪيم پر بعد ۾ منصوبي جي اهميت کي سمجهندي آڊيشن تي راضي ٿي ويس، هن چيو آهي ته مان هر منظر کي ائين انجام ڏنو ڄڻ ته مون سانڪ جهه ٿي رهيو هجي، ڊبنگ دوران آئون خيالي طور تي ڊرامي جي سيٽ تي تصوراتي طور موجود هوندي آهيان، هن پسندي واري منظر جي باري ۾ چيو ڏهن حليما جي گهر ۾ پٽن جي پيدائش ٿي ته اهو منظر منهنجو پسنديده هو ۽ جڏهن ارتغرل غازي ڏکيائين مان گذري واپس قبيلي ڏانهن اچي ٿو ته اهو منظر مون کي روئاري ڇڏيو هو، هن چيو آهي ته مان چاهيان ٿي ته اسرا منهنجي آواز ٻڌي ۽ منهجي تعريف ڪري، هن چيو ته نه صرف هڪ گروپ پر ترڪي وڃي ڊرامي جي ڪردارن سان ملاقات ڪرڻ جي خواهش آهي، واضح رهي ته مشهور ڊرامي ۾ ڪردار ادا ڪندڙ پاڪستان اچي چڪا آهن جن ۾ ارطغرل، عبدالرحمان غازي سميت ٻيا شامل آهن.