ارسا ۾ سنڌ سان زيادتيون آخر ڇو؟

0
176
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

جڏهن سنڌ جو ميمبر ارسا جو چيئرمين ٿيو آهي تڏهن واپڊا تربيلا جي توسيعي منصوبي جي منظوري وٺڻ ۾ڪامياب ٿي وئي آهي جنهن سان اڳ ۾ ئي پاڻي کوٽ جو شڪار سنڌ صوبو وڌيڪ پاڻي کوٽ کي منهن ڏيندو جڏهن ته انهي سان گڏوگڏچشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال وهائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن سان به سنڌ ۾ پاڻي جي بحران ۾ شدت اچڻ جو خطرو آهي. توڙي جو اهي ٻئي ڪئنال رڳو تربيلا جي توسيعي منصوبي جي مڪمل ٿيڻ تائين وهائڻ جو واعدو ۽ فيصلو ڪيو ويو آهي پر اڳ ۾ ڪهڙا واعدا ۽ فيصلا آهن جن تي عمل ڪيو ويو هجي. اڃان تائين ان 91 ٺاهه تي عمل نه ٿو ٿئي جنهن جي ڪري ئي ارسا جو وجود پيو ته پوءِ هي واعدا به ان ڀڇڪڙي جو شڪار ٿي ويندا. چوندا آهن نانگ جو کاڌل نوڙي کان به ڊڄندو آهي سو لڳاتار واعدي خلافي ۽ فيصلن تي عمل نه ٿيڻ جي ڪري سنڌ هاڻي به ڊپ ۾ آهي ته سندس پاڻي جيڪو چوري ٿي رهيو آهي هاڻي انهي تي کاٽ به لڳندا.

ساڳئي ڏينهن جي اخبار ۾ هڪ طرف ارسا طرفان تربيلا توسيعي منصوبي جي منظوري ۽ چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونساپنجند لنڪ ڪئنال وهائڻ جي جازت ڏيڻ جي خبر آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي آبپاشي وزير جون اهي ڳالهيون ڇپيل آهن جنهن ۾ هو پاڻي کوٽ جون شڪايتون ڪندي چئي رهيو آهي ته بلوچستان سوڌو دادو ۽ رائيس ڪئنال کي پاڻي نه ٿا ڏئي سگهون.پاڻي کوٽ سبب سنڌ جي زراعت تباهه ٿي وئي آهي ۽ ارسا 91 ٺاهه تحت پاڻي نه ڏئي رهيو آهي.هن وقت تائين ارسا ۾ جيڪي به اتفاق راءِ يا اڪثريتي راءِ سان فيصلا ٿيا آهن اهي سڀ پنجاب جي فائدي ۽ ان جي پاڻي چوري کي لڪائڻ لاءِ ڪيا ويا آهن پر جنهن مقصد تحت ارسا جو وجود ۾ آيو يعني 91 جي پاڻي ٺاهه تي عمل لاءِ ان تي اڄ تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي.سنڌ ۾ ته پاڻي کوٽ جي اها حالت آهي جو زراعت ته ٿي پري جي ڳالهه هاڻي ته خبر ناهي ڪيتري آبادي کي پيئڻ لاءِ پاڻي ميسر ناهي.

هن وقت به بندي جا ڏينهن ويجهو هجڻ ڪري اڳواٽ فصل کي پاڻي ڏيڻ جي ڏينهن ۾ چشما جهلم لنڪ ۽ تونسا پنجند ڪئنال وهائڻ جي ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي کان به گهٽ پاڻي ملندو جڏهن ته تربيلا جو توسيعي منصوبو مڪمل ٿيو ته پاڻي جي اها رفتار جيڪا اڳ سنڌ ڏانهن ويندي هئي ان ۾ به گهٽتائي اچي ويندي ۽ سنڌ ڏينهون ڏينهن ڀڙڀانگ ٿيندو ويندو پر خبر ناهي ڇو ارسا سنڌ جي شڪايتن ۽ دانهن ڏانهن ڌيان ئي نه ڏئي رهيو آهي .جڏهن سنڌ جو ميمبر ارسا جو چيئرمين ٿيو هو ته گهٽ ۾ گهٽ اها اميد ڪئي پئي وئي ته  سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي ملندو پر هتي ته ساڳئي صورتحال بلڪه اڃان به وڌيڪ خراب صورتحال ٿي رهي آهي ته 91 ٺاهه تي عمل ته ٺهيو رهندو تربيلا جهڙن توسيعي منصوبن جي منظوري ان  ئي دور ۾ ڏني وئي آهي، جنهن تي ارسا۾ يڪو منظوري ملڻ مشڪل بڻيل هئي.جيڪڏهن دادو ۽ رائيس ڪئنال کي پاڻِي نه ٿو ملي ته انهن تي ٿيندڙآباد زمينون غير آباد ٿينديون ۽ اتان جي آبادگارن کي نقصان برداشت ڪرڻو پوندو. سنڌ سان هر معاملي ۾ ٻه اکيائي آخر ڇو ٿي رهي آهي؟ سنڌ حڪومت به رڳو پنهنجي شڪايت بيانن جي حد تائين محدود رکي آهي جڏهن ته لاڳاپيل فورمن تي پنهنجو ڪيس ڀرپور نموني شايد رکڻ ۾ ناڪام ٿي آهي جنهن ڪري سنڌ کي ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن.

اسان سمجهون ٿا ته سنڌ جي پاڻي ضرورتن کي پورو ڪرڻ کانسواءِ تربيلا توسيع منصوبي جي منظوري ڏيڻ ۽ چشما جهلم ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال وهائڻ جي اجازت ڏيڻ سنڌ سان سراسر ناجائزي آهي.سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪري ڪنهن صوبي کي خوش ڪرڻ واري روش ڪنهن به ريت مناسب ناهي تنهن ڪري ارسا پنهنجي فيصلن جو جائزو وٺي ۽ سنڌ حڪومت به رڳو بيان جاري ڪرڻ بدران سنڌ جي وپاڻي جو پورو حصو وٺڻ لاءِ هر فورم استعمال ڪري نه ته سنڌ جي زراعت کي ته نقصان ٿيندو ئي ٿيندو پر ڪيتري آبادي پيئڻ جي پاڻي کان به محروم رهجي ويندي.