حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پنهنجي بيان ۾ چيو آھي ته ارسا سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻائڻ ۾ سھولتڪار آھي. چشما جهلم لنڪ ڪئنال ۽ تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ڌاڙيل واھ آھن. اھي صرف ٻوڏ ۾ سنڌ جي اجازت سان کولي سگھجن ٿا پر پنجاب سنڌ سان دوکو ڪري ڌاڙيل واھ کولي سنڌ جو پاڻي چوري ڪري رھيو آھي، ھن وقت مٿي پاڻي موجود آھي پر سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي. اقتدار خاطر پ پ حڪومت خاموش آھي. سنڌ کي پاڻي نه پيو ڏنو وڃي. سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻي پنجاب جي ريگستان کي آباد ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سنڌ جي پاڻي تي 150 سالن کان لڳندڙ ڌاڙا بند ڪيا وڃن.