ارجنٽينا ۾ ميسي جي تصوير وارو نوٽ جاري ڪرڻ جو امڪان

0
455
ارجنٽينا ۾ ميسي جي تصوير

بيونس آئرس (اسپورٽس نيوز) فيفا ورلڊ ڪپ جي هيرو ليونل ميسي کي خراج پيش ڪرڻ لاءِ ارجنٽينا جي حڪومت طرفان يادگار نوٽ جاري ڪرڻ جو امڪان آهي

پرڏيهي ميڊيا رپورتن موجب نيشنل بينڪ فيفا ورلڊ ڪپ کٽرائيندڙ ليونل ميسي جي 1000 پئسن جو يادگار نوٽ جاري ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي

ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي پهريان ئي ميسي جي تصوير وارن ڪرنسي نوٽن جو عڪس گردش ڪري رهيو آهي، جنهن جي اڳيان ميسي ۽ پويان فٽبال ٽيم جو نالو لکيل آهي. جيئن ته اڃا تائين حڪومت طرفان اهڙو ڪوبه نوٽ جاري ڪرڻ جي تصديق نه ٿي آهي

واضح رهي ته ميراڊونا جي قيادت ۾ 1978ع جي ورلڊ ڪپ کٽڻ کانپوءِ ارجنٽينا ۾ يادگاري سڪا جاري ڪيا ويا هئا