اربين رُپيا انٽيليجنس ايجنسي تي خرچ ٿين ٿا، پوءِ به نتيجا ٻُڙي: چيف جسٽس

0
439
مٺي: چيف جسٽس جي آمد،

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو آھي تھ اربين رُپيا انٽيليجنس ايجنسي تي خرچ ٿين ٿا، پوءِ بھ نتيجا ٻُڙي! سپريم ڪورٽ ۾ اي پي ايس سانحو ڪيس تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ هيڏو وڏو انٽيليجنس سسٽم آهي، دعوائون به ڪيون وڃن ٿيون ته دنيا جي بهترين انٽيليجنس ايجنسي آهي

چيف جسٽس گلزار احمد وڌيڪ چيو تھ عوام جي تحفظ جي ڳالهه ٿئي ته انٽيليجنس ايجنسيز ڪيڏانهن هليون وينديون آهن؟ ادارن کي خبر هجڻ گهرجي ها ته قبائلي علائقن ۾ آپريشن جو ردعمل ايندو، ٻارن کي ائين مرڻ لاءِ نٿا ڇڏي سگهون، جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته اي پي اي سانحو سيڪيورٽي ناڪامي هو، اهو ممڪن نه آهي ته دهشتگردن کي اندران مدد نه ملي سگهجي

ھي به پڙھندا

سپريم ڪورٽ اي پي ايس سانحي ڪيس ۾ وزيراعظم عمران خان کي اڄ ئي طلب ڪري ورتو