ادب جي دنيا، شيخ اياز ميلو ۽ نئون نسل

0
326
ڪارونجھر-جا-ڪولھي-راسوڙا-۽-روپلو-ڪولھي

زندگي جي ڀرپور عڪاسي جو نانءُ ادب آهي ۽سماج ۾ ادب جي اوسر جو دارومدار نوجوانن جي ڪردار سان جڙي ٿو. پر ٿلھي ليکي ڏٺو وڃي ته سنڌ جي ادبي ماحول ۾ ماٺار سبب لکڻ ۽ پڙهڻ جي حوالي سان ھڪ شاندار رومانس موڪلائي ويو آهي.وقت جي دز ۾ اسان جا ادبي ميڙاڪا لوڪ ڪچهريون پڻ رسي ويون آهن.سنڌ ۾ علمي ادبي ماحول ڄڻ ڪي جمود جو شڪار بڻجي ويو آهي. خاص طور تي نئون نسل فڪري علمي جمود جو شڪار آهي ۽ جمود واري ماحول ۾اڳتي اسري ناھي سگھيو.سنڌ ۾ ھڪ عجيب قسم جي ماٺار ڇانيل آهي.ھن وقت سنڌ جو نئون نسل ادبي ماحول جي ماٺار سبب پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪري نه سگهيو آهي. انهي جا به ڪيترائي سبب آهن. هڪ ته اسان وٽ نوجوانن ۾ مطالعي جو رجحان گهٽجي ويو آهي ٻيو ته نوجوانن جي تخليقي صلاحتين کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪوبه سينئر دوست رهنمائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي “سنڌ” جي ادبي ماحول ۾ هن وقت منفي لاڙا عروج تي آهن، سنڌ جي ادبي ماحول ۾ جتي سگهارا بحث ٿيڻ گهرجن ها، جتي ادبي ماحول۽ ڪچهرين ۾ اصلاحي تنقيدون ٿيڻ گهرجن ها جتي نئين ٽهي جي تخليقڪارن جي رهنمائي ۽ حوصلاافزائي ٿيڻ گهرجي ها اتي هاڻي اڪثر ڏٺو ويو آهي ته اديبن ۽ شاعرن جي ڪچهرين ۾ مشڪريون ٿين ٿيون، ڇسيون تنقيدون ٿين ٿيون، نوجوانن کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو.

شخصي پسند ۽ ناپسند جي لاڙي ۾ ڪنهن به نوجوان جي ڪا رهنمائي به نٿي ٿئي، ھاڻي ته سوشل ميڊيا تي شخصي ۽ ذاتي  تنقيدن ۽ مشڪرين جو رجحان عروج تي آهي.سنڌ جي نوجوانن جي ذھنن ۾ جتي دنيا، ماديت، سائنس، فلسفي، ادب، تاريخ ۽ ٻين علمـن جي باري ۾ ھزارين نوان سوال اڀرن ٿا. ڪيترائي نوجوان علم جا متلاشي آهن  پر انھن نوجوانن جي رھنمائي ڪري ته آخرڪير ڪري؟ھتي سنڌ ۾ وري ادبي تنظيمون پڻ ماٺار جو شڪار آهن يا وري ڌڙابندي جو شڪار آهن .سنڌ جي وڏي ۾ وڏي ادبي تنظيم“ سنڌي ادبي سنگت”  جو ڪارج عملي طور تي نظر نٿو اچي ۽ سينئر اديب پنهنجي ادبي ھوڏ تي قائم آهن. ھڪڙو اھو دور ھوندو ھو جو ادبي تنظيمن پاران اسٽڊي سرڪل ھلايا ويندا ھئا ادبي گڏجاڻين ۾ نوجوانن جي ادبي لکڻين جي اصلاح ڪئي ويندي هئي .نوجوانن کي لکڻ لاءِ اتساھيو ويندو هو ۽ اسان جا سينئر دوست نوجوانن جي رھنمائي اصلاح ۽ حوصلاافزائي ڪندا ھئا.ڪيترائي نوجوان سينئر دوستن جي لکڻين مان اتساھه  وٺي پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪندا ھئا پر ھاڻي ايئن نٿو ٿئي.

ٻولي ۽ ادب جي ترقي لاءِ نوجوانن جو ڪردار اھم ھوندو آهي پر ھتي اسان وٽ نوجوانن جي رھنمائي جا سڀ گس پيچرا بند آهن. هتي سنڌ ۾ ٻاراڻي ادب جي صورتحال اها آهي جو ٻاراڻي ادب تي جيڪو ڪم ٿيڻ گهرجي ھا اهو نه پيو ٿئي. موجوده دور ۾ ٻاراڻي ادب جي حوالي سان سنڌ جي سينئر اديبن شاعرن جو ڪردار پڻ مايوس ڪندڙ آهي. سنڌ ۾ ٻاراڻي ادب تي ڌيان نه ڏيڻ سبب اسان جي نئين نسل ۾ مطالعي جو رجحان گهٽجي ويو آهي. جڏهن ته  اسان جا اديب، شاعر نئين نسل جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن،۽ ادبي تنظيمن جو حال مايوس ڪندڙ آهي ته پوءِ ٻولي ۽ ادب جي ترقي۽ آبياري ۾ نوجوانن جي ڪردار کي ڪيئن ٿو سگھارو بڻائي سگهجي؟ مجموعي طور تي ادب جي دنيا ۾اسان جي نوجوانن کي گھربل اسپيس گھرجي پر بنيادي سوال اھو پڻ آهي ته اسان جي نوجوان کي اھڙو ماحول ڪيئن ٿو ميسر ڪري ڏئي سگھجي؟. ھي نوجوان جيڪي اسان جي سنڌ جو روشن مستقبل آهن ۽ سنڌ جو خوبصورت خواب آهن.جنهن لاءِ اياز چيو ھو ته

ڳاڙھا ڳڀرو سنڌ جا تون ئي منهنجو خواب

تون ئي آن جواب صدين جي سوال جو

سو ھن موجوده ماٺار واري صورتحال ۾ جيڪي نوجوان رھنمائي کان وانجھيل آهن ۽ ھزارين مسئلن مونجهارن جو شڪارآهن انهن نوجوانن جي فڪري ۽ علمي جمود کي ٽوڙڻ لاءِ ۽ علم ادب جا مورچا سگھارا بنائڻ لاءِ ڪھڙي راھه ھموار ڪري سگهجي ٿي؟ منهنجي خيال ۾  سنڌ جي نئين نسل کي علم ادب ڏانهن راغب ڪرڻ ۽ نئين نسل کي اڳتي اڀارڻ لاءِ مختلف موقعا فراھم ڪري ڏيڻ جي ضرورت آهي. جيتوڻيڪ سنڌ جا نوجوان تمام سٺو لکڻ جي جستجو ۾ آهن مختلف وقتن تي نثر ۽ نظم جي حوالي سان نوجوانن جا ڪتاب  پڻ ڇپجي مارڪيٽ  ۾ اچي رھيا آهن پر انھن نوجوانن جي رھنمائي نٿي ٿئي .  تنهن ڪري نوجوانن جي رھنمائي سان گڏ ھمٿ افزائي ٿيڻ گھرجي سينئر دوست انھي ڏس پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

سنڌ ۾ مختلف علمي ادبي پروگرامن ذريعي نوجوانن کي اڳتي اڀاري سگھجي ٿو.سنڌ ۾نوجوانن کي موقعا فراھم ڪري ڏيڻ جي ڏس ۾ علمي ادبي پروگرام منعقد ٿيڻ گھرجن. وقت جي تقاضا آهي ته اسان پنهنجي  انھن نوجوانن کي پنهنجي ھيروز کان واقف ڪرايون سنڌ ۾ اسٽڊي سرڪل ۽ جشن لطيف ۽ جشن اياز جھڙا پروگرام منعقد ٿيڻ گھرجن. سنڌ جي نئين نسل کي ڀٽائي ۽ اياز کان واقف ڪرڻو پوندو.اياز جي شاعري جا تخليقي رنگ “نئين سنڌ” جو آواز آهن، سنڌ جي تخليقي ڪئنواس تي اياز جي شاعري جو اثر پيڙهين تائين رهندو، اياز جا گيت، سنڌ جي قومي سجاڳي جو اهڃاڻ پڻ آهن، اهي گيت اڄ به سنڌ ۾ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ڳائجن ٿا اياز چيو هو ته

تون جي مون کان پوءِ اچين،

ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين،

منهنجا گيت ٻڌين،

موکي ياد ڪرين،ساري سنڌڙي

ڳاڙهو کهنبو ٿي ويندي تيسين،

۽ جي ان تي ڦلڙيون ڦلڙيون منهنجي ڏات ڏسين،

شال اهو سمجهين،

ڏات وڏي شئي ناهي،

پر سچ وڏي شئي آهي،

جو سچ مچائي مچ

سو مچ وڏي شئي آهي

سنڌ ۾ نوجوانن کي لکڻ  لاءِ اتساھڻ گھرجي ۽نوجوانن کي لکڻ جي حوالي سان موقعا فراھم ڪرڻ گھرجن. ٻاراڻي ادب جي حوالي سان پڻ نئين نسل جي رھنمائي ٿيڻ گھرجي ۽ٻاراڻي ادب جي حوالي سان سنڌ ۾ علمي ادبي رسالا شايع ٿيڻ گھرجن .سنڌ ۾اهڙا علمي ادبي ميلا مچائڻ گهرجن جن مان نئون نسل اتساهه وٺي سگهي. ويجھڙ ماضي ۾ مختلف وقتن تي جيڪي به ادبي ميلا لٽريچر فيسٽيول ٿيندا رھيا آهن.انھن ادبي ميلن ۾  ھڪڙو ميلو اياز ميلو پڻ آهي جنهن ۾ سنڌ جونئون نسل وڏي دلچسپي وٺندو رھيو آهي ۽ انهن ميلن ۾ اسان کي ھميشه “هڪ نئين سنڌ” جرڪندي نظر ايندي رھي آهي.گذريل ستن سالن کان ھي اياز ميلو ھڪ نئين اتساھه جوش ۽ جذبي سان لڳندو پيو اچي .ھرسال خانا بدوش ڪيفي جي اڱڻ تي لڳندڙهي ميلو نوجوانن جي اتساھه  جوسبب ۽“سنڌ” جي سڃاڻپ بڻجي ويو آهي. ھن سال پڻ حيدرآبباد ۾خانابدوش ڪيفي پاران ثقافت کاتي سنڌ جي سھڪار سان 21 ڊسمبر کان 25 ڊسمبر 2021ع تائين ستون اياز ميلو منعقد ڪيو ويو آهي.ھن ميلي ۾ 100 کان مٿي اسپيڪر پينلسٽ ۽ ماڊريٽر  شيخ اياز جي فن ۽ فڪر تي ڳالھائيندا. ھن ميلي ۾ مختلف اسپيشل فيچرس ۽ موسيقي جا سيگميٽ شامل ڪيا ويا آهن. موسيقي جي سيگميٽ ۾ لڳ ڀڳ 35 راڳي اياز جا گيت ڳائي اياز کي ڀيٽا پيش ڪندا. اياز سان محبت ڪندڙ دوستن جي ھن ريت اياز کي ٽريبيوٽ ڏيڻ ھڪ بھترين ڪوشش پڻ آهي .ماٺار واري ماحول ۾ ھن قسم جا بھترين ادبي ميلا مچائڻ سنڌ جي فڪري شعور جي اپٽارآهي.

ھن ميلي ۾ خانابدوش ڪيفي جي سڄاڻ دوستن  سميت سموري ٽيم جي ڪوششن کي ضرورساراهڻ گھرجي جو ھرسال ھڪ منظم ۽ بھترين انتظام تحت ھي ميلو لڳندو پيو اچي. ماٺار واري ماحول ۾ اياز ميلو لڳڻ ھڪ بھترين روايت پڻ آهي.ھر سال جيان ھن سال پڻ اياز ميلي ۾ سنڌ جا نوجوان ڀرپور حصو وٺندا ۽ تخليقي رنگن ۾ ھڪ“نئين سنڌ” ڳولي لھندا. هي سنڌ جيڪا اسان جي نوجوانن جي خوابن جي سنڌ آهي. انھي سنڌ ۾ نوجوانن جي علمي ادبي جي شعور جي آبياري لاءِ ھڪ راھ ھموار ٿيڻ گھرجي.نوجوانن کي اتساھيو وڃي. مختلف قسمن جا ادبي ميلا ۽ پروگرام منعقد ٿيڻ ۽ اسٽڊي سرڪل ھلائڻ سان سنڌ جو نئون نسل پنهنجي هيروز جي فني۽فڪري پهلوئن کان واقف ٿي سگهي ٿو. انهي سان گڏوگڏ سنڌ جو نئون نسل علم، ادب، آرٽ فن جي راهن ڏانهن گامزن ٿي سگهي ٿو. ٻولي، ادب جي آبياري توڙي سنڌي ٻولي جي ترقي جي واڌاري لاءِ مختلف قسمن جا  فيسٽيول ۽ ادبي پروگرام نئين نسل لاءِ نيون راهون روشن ڪري سگھن ٿا.ھن قسم جاادبي پروگرام ۽ اياز ميلي جھڙا لٽريچر فيسٽيول ضلعي سطح تي ٿيڻ گھرجن انهي ڪري اچو ته  نوجوانن کي اڳتي اڀارڻ لاءِ تخليقي رنگن ۾ هڪ نئين “سنڌ” ڳولي لهون جيڪا سنڌ نئين نسل جي خوابن جي سنڌ هجي جيڪا سنڌ نوجوانن جي خوابن جو تسلسل هجي. جيڪا سنڌ ڀٽائي جي بيتن ۽ اياز جي گيتن جو تسلسل هجي، انهي سنڌ جو هر نوجوان ۽ نئون نسل اياز جي سٽن جيان ايئن چوندو وتي ته

ڪڏهن سينڌ، سنڌ جي ميري نه ٿئي

ڪڏهن موڙ تنهنجا  نه مرجھائجن.