ڄامشورو(رپورٽر) سنڌي ادبي بورڊ جي اڳوڻي ميمبر سنڌي ۽ سرائيڪي ٻولي جي عوامي شاعر اديب احمد خان مدهوش جي 14 هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي، سندس ورسي جي موقعي تي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“  پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته احمد خان مدهوش سنڌ جو مشهور و معروف شاعر ٿي گذريو آهي، سندس اصل سڃاڻپ به هڪ شاعر جي حيثيت ۾  هئي. هو  پنهنجي شاعري ۽ فن جي ڪري اڄ به عوام جي دلين ۾ زنده آهي، سندس شاعري عوام ۾ بي حد مقبول آهي. مخدوم سعيدالزمان ”عاطف“  چيو ته احمد خان مدهوش شاعريءَ جي هر صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي، جنهن ۾ غزل، ڪافي، وائي، نظم، منقبت، نعت شامل آهن، نظم ۽ غزل جو پاڻ وڏو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس علمي ۽ ادبي خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن. احمد خان مدهوش جا ٻه ڪتاب ”دل جون ڳالهيون“ ۽ اکين جا سنيها“ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپيل آهن.