ادب، اديب ۽ عوام

0
210
ادب، اديب ۽ عوام

لينن چواڻي: “اسان جي ادب ۽ فن کي عوام جي خدمت ڪرڻ گھرجي”.

  ادب  سماج  جو آئينو آھي. اديب اھو چوندا رھندا آھن. جيئن الھداد ٻوھئي به پنھنجي ھڪ ليک ۾ لکيو ھو ۽ ھن قسم جو موقف ھئس ته ادب  زندگيءَ لاءِ آھي، ادب ادب لاءِ نه.

                 جيڪڏھن  ادب زندگيءَ لاءِ ۽ سماج جو آئينو آھي ته منطقي طور  اديبن کي عوام جي مقصد لاءِ تحرڪ وٺڻو آھي. ڇو ته سماج پنھنجي گھڻائي يعني عوام سان عبارت آھي. ادب جيڪڏھن اجتماعي شعور ھٿان نه پر فرد جي داخلي تسڪين لاءِ سرجندو ته اڄ نه سڀاڻ ان جو ناڪاري، تخريبي اثر معاشري ۾ ظاھر ٿيندو. اھوئي سبب آھي جو سنڌ ۾ “ادب، ادب لاءِ” نظرئي کي جو پاڻي مليو ته جلد ئي اديبن ۾ انتشار جا آثار مليا، جن جون اڄ ڳالھيون پيٽ ورن ۾ وڌي وڻ ٿيون. ڪڏھن ڪڏھن ماڻھو چاھي ٿو ته چئي ڏئي، جو به راز دل ۾ آھي. شاعر ته  ايئن ئي ڪندا آھن پر اھو مشڪل ٿيندو آھي اھڙي شخص لاءِ، جيڪو  لحاظ ڪري ٿو دلين جو، قول قرار جو، فرد ۽ اجتماع جو، پنھنجن جو به ته پراون جو به.

ڀلي ته ڪک ۾ ڪانَ جيان ٿي پون پر پنھنجن سان قرب ته ضرورت آھي. ڪڏھن وري غير به پنھنجا ٿي پون ٿا. ان قرب جو ڪمال ته ڪرشن  چندر جي قلم مان:

“محبت جو انتھائي عجيب احساس ھو بانوءَ جي دل  ۾، جيئن  مٿان جنس  جي چمڙي ھجي پر وچ ۾ تخليق جو جذبو ھجي. ايترو ته گھرو ۽ ڪامل  جذبو، جنھن  کي رڳو زمين جي ڇاتي ۽ عورت جي دل ئي محسوس ڪري سگھي  ٿي…

ڇا عبدل به ايئن محسوس ڪري سگھي ٿو… اڃا تائين ڇو نه آيو آھي!؟ ڇو ٻج کي ڌرتيءَ جي بي قراري ۽ ان جي گھري اٿاھ مامتا جي خبر نه ٿي پئي!؟”

(ناول طوفان ڪي ڪليان)

ادب ته ھوندو ئي ان لاءِ آھي ته بي حسي ختم ڪري، احساسن کي جاڳائي، ترتيب، توازن، نزاڪتن، حسن، عشق، حق لاءِ تڙپ پيدا ڪري، ناحق، انسان دشمني، عوام دشمنيءَ سان  عداوت کي شديد ڪري. سنڌ ۾  اھڙي لاڙي واسطي زمين زرخيز آھي. “ادب، ادب لاءِ” رڳو سنڌ ۾ ئي جڳھ نه ٺاھي وئي. اھو واءُ عالمي طور گھليو ھو، رڳو ادب ۾ نه پر  سياسي ميدان ۾ به انتشار جو عھد آھي. سوويت يونين جي شروعاتي دور ۾  عوام لاءِ ڄو تحرڪ ھو، سو بدلجي نا اميديءَ جو برمودا ٽرائنگل ٿي ويو.

نفسا نفسيءَ جو عالم آھي. ٻين جي دک درد سان منھنجو ڪجھ ناھي. پاڙي ناھ پروڙ ته رات رنجائي گذري. گوتم ٻڌ چيو آھي: جو پاڻ لاءِ جيئي  سو جانور، جو ٻين لاءِ جيئي سو انسان. برٽرينڊ رسل ادب جي ڪارج جو اشارو ڏيندي چيو آھي: اسين ڪھڙيءَ ريت جيئرا رھي سگھون ٿا، اھا رمز اسان کي سائنس سيکاري ٿي. پر اسان کي ڇا لاءِ زنده رھڻ کپي، اھو راز اسان کي ادب ۽ مذھب ٻڌائي ٿو.

ھتي ڀٽائي پنھنجي طريقي سان ٻين لاءِ جيئڻ، تھذيب، اميد، وفا، حڪمت ۽ عشق جي تعليم  ڏئي ٿو:

جنين دور درد جو، سبق سور پڙھن

فڪر ڦرھي ھٿ ۾، ماٺ مطالع ڪن

پنو سو پڙھن، جنھن ۾ پسن پرينءَ کي

ھتي پڙھيل ماڻھن مان گھڻا تڻا پنھنجي ذات جي پوڄا ڪن ٿا ۽ عيش سندن مقصد ۽ منزل آھي. اسان جي بزرگن اسان جي سونھندڙ تربيت نه ڪئي.ڪيائون ته رڳو ھيءَ ته: پنھنجون اوليتون طئه ڪريو ۽ پوءِ ٻئي پاسي نه ڏسو، اڳتي وڌندا وڃو. ان سان غريب ماروئڙا نظر انداز ٿي ويا. سياسي ميدان وارن به اڳي پوءِ سرمائيدارن جي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندڙ وھڪرا ٺاھيا. جذبات ۽ نعريبازيءَ جي ٻوڏ ۾ گھڻا سچا ڪارڪن وھيا پر پوءِ کين  مايوسيءَ وارو ڌڪو ماري ويو. مايوسين ھڻي ھنڌ ڪيو آھي، گھڻا عوام کان ڌار ٿي ويا. چند اديب ماروئڙن سان گڏ رکي سڪي کائين ٿا پر سندن ڪو به عيوضي ڪنھن به فورم تي ناھي.

ايئن ناھي ته چڱيون شيون نه ٿيون لکجن پر مامرو ڪردار جو آھي. اسان جا لکيل پڙھيل ماڻھو تمام ٿورڙا گھربل جذبي ۽ فڪر سان لکن ٿا پر ڪردار جي ڳالھ کي ليکين ئي نه ٿا، بلڪ وٽن ڪردار وارو نظريو ئي ناھي. ان حد تائين جو وٽن حق ۽ باطل ۾ فرق ئي ناھي. حق ڇاآھي؟ ان تي تفصيلي ڳالھ ته پنھنجي ھنڌ پر ھڪ نڪتو اھو آھي ته مفاد حق ناھي، پيسو ۽ عھدو حق ناھي. حق ھڪ شخص تائين محدود نه ھوندو آھي.

اسان جي ويجھي ماضيءَ ۾ ڪن اديبن ليکڪن ڪردار جو قدر ڪيو. انھن پنھنجي لکڻين ۽ انداز سان غريب ماروئڙن جو ساٿ ڏنو يا ھڪ عرصي تائين ئي سھي. ارباب کھاوڙ، انور پيرزادو، واجد، سعيد ميمڻ، استاد بخاري، انب گوپانگ، محمد خان احمداڻي، رسول بخش پليجو، زاھد شيخ، رخمان گل پالاري ان جا ڪجھ مثال آھن.