اداڪاره اشنا شاهه به ڪورونا جو شڪار ٿي وئي

0
377

ڪراچي(شوبز نيوز) اداڪاره اشنا شاهه ڪورونا جون ٻه خوراڪ لڳائڻ کانپوءِ به وائرس ۾ مبتلا ٿي وئي، انسٽا گرام تي پوسٽ ذريعي مداحن ۽ دوستن کي اطلاع ڏنو ته ڪجهه ڏينهن کان بخار هو، ٽيسٽ ڪرايو ته ڪووڊ مثبت آيو، ويڪسين جون ٻئين خوراڪون لڳرائڻ جي بعد ۾ منهنجو ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيو آهي، هن چيو ته مان صحتمند انسان آهيان پوءِ به وائرس مون تي حملو ڪيو، جنهن جون ڪافي علامتون خوشگوار نه آهن، هن چيو ته مان سوچندي ڊڄي ويندي آهيان ته جيڪڏهن مون کي ويڪسين نه ڏني وڃي ها ته منهنجو ڪهڙو حال ٿئي ها، صارفين کي ماسڪ پائڻ، ويڪسين لڳرائڻ ۽ احتياطي تدبيرون ڪرڻ جو مشورو ڏيندي هن چيو ته هي وائرس مذاق نه آهي ۽ هن جي نئين قسم ڊيلٽا ويرينٽ کي بلڪلڪ هلو نه وٺو، هن کان اڳ ڪيرائي اداڪار ڪورونا جو شڪار ٿي چڪا آهن جن ۾ مصطفيٰ قريشي، عدنان صديقي، سنبل اقبال ۽ ٻيا شامل آهن.