اداڪارا فضا علي شوٽنگ دوران مٽيءَ جي ڀِٽ تان ڪري زخمي

0
197

قصور (شوبز نيوز) مشهور اداڪارا فضا علي گيت جي شوٽنگ دوران مٽيءَ جي ڀٽ تان ڪري زخمي ٿي پئي جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائر ٿي وئي، فضا علي مشهور ڳائڻي ملڪو سان گڏ گيت جي شوٽنگ ۾ مصروف هئي ته اوچتو مٽيءَ جي هڪ وڏي ڀِٽ تان هيٺ ڪري پئي. وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته فضا علي ڪرڻ کان پوءِ گھڻي دير تائين زمين زمين تي ليٽيل ئي رهي ٿي ۽ پوءِ مٿو پڪڙي سور سبب رڙيون ڪرڻ شروع ٿي ڪري جنهن  کان پوءِ کيس فوري طور تي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ٿو وڃي. واضح رهي ته مشهور ڳائڻو ملڪو ۽ فضا علي نئي گيت جي شوٽنگ  مصروف آهن، گيت جي وڊيو شوٽنگ قصور جي ويجھي علائقي ۾ هلي رهي هئي.