اداڪارا فاطما آفندي مڙس کي ٻي شادي جي اجازت ڏئي ڇڏي

0
36

Pin on Showbiz Celebrities

ڪراچي (شوبز نيوز) ٽي وي ڊرامن ۾ معصوم ڪردارن ۾ نظر ايندڙ فاطما آفندي پنهنجي مڙس کي ٻي شادي جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي

ان کان اڳ اداڪارا پنهنجي زندگي بابت ايترو کليل نموني نه ڳالهايو هو. هڪ انٽرويو ۾ ميزبان جي سوال جي جواب ۾ فاطمه آفنديءَ چيو ته هوءَ پنهنجي مڙس کي اجازت ڏئي چڪي آهي ته هو ٻي شادي ڪري ڇڏي، ڇو جو کيس خبر آهي ته هو ٻي شادي نه ڪندو

هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن انسان کي ڪنهن شيءِ کان روڪيو وڃي ته اهو ايئن ئي ڪندوآهي، ان ڪري مون روڪڻ بدران کيس اجازت ڏئي ڇڏي آهي ته هو ٻي شادي ڪرڻ چاهي ٿو ته ڀلي ڪري وٺي