اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي رياستي ملڪيتي ادارن جي مالي نقصان تي ناڻي واري وزارت جي سالياني رپورٽ جاري ڪئي وئي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مالي سال 22-2021ع جي مقابلي ۾ گذريل مالي سال ۾ حڪومت تي ادارن جو بار وڌي ويو آهي، خساري جو شڪار ادارن جو سالياني نقصان وڌي 905 ارب تائين پهچي ويو آهي. مالي سال 23-2022ع ۾ خساري ۾ 23 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، سالياني بنيادن تي سرڪاري ادارن جو خسارو 202 ارب رپيا وڌي ويو. توانائي جي شعبي ۾ سرڪاري ادارن جو خسارو 304 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي. حڪومت توانائي سميت ٻين ادارن کي 1021 ارب رپين جي مالي امداد ڏني، ڊسٽري بيوشن ڪمپنين سميت توانائي جي شعبي تي 759 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گذريل 10 سالن ۾ ريلوي جو خسارو 5 هزار 595 ارب کان وڌي ويو. سرڪاري ادارن جي خساري سبب گردشي قرض 4 هزار ارب رپين کان به وڌي ويو آهي. گذريل مالي سال به تيل، مالياتي ۽ ٻين سرڪاري ادارن 703 ارب جو منافعو به ڪمايو. رپورٽ موجب سرڪاري ادارن جي اثاثن جي بڪ ويليو 35 هزار 218 ارب رپيا رڪارڊ ڪئي وئي، سرڪاري ادارن جي ذمي واجبات ۾ 20 سيڪڙو اضافي سان 29 هزار 721 ارب رپيا رڪارڊ ڪيا ويا آهن.