ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي احتجاج تي پوليس جي شيلنگ خلاف جسقم چيئرمين صنعان قريشي، امجد خان مهيسر، ديدار شام۽ ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ جي اڳواڻي ۾ سپر هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان قريشي ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته پرامن احتجاج مٿان پوليس شيلنگ ۽ فائرنگ ڪري ظلم ڪيو آهي، ان کان پهرين صبح جو ايندڙ قافلن کي ڀرپور روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جسقم جي مک قافلي کي ڪاٺوڙ پل تي روڪيو ويو، جنهن تي جسقم جا هزارين ڪارڪن رڪاوٽون ٽوڙي بحريا ٽائون جي گيٽ تي پهتا، صنعان قريشي وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار بحريا ٽائون انتظاميا جي ونگار ۾ ڪيترائي سنڌي ماڻهو گرفتار ڪرايا آهن، جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي، اهڙي عمل تي خاموش نه ويهنداسين، گڏيل حڪمت عملي سان سنڌ خلاف سمورين سازشن جو مقابلو ڪنداسين. هن چيو ته گرفتار سمورن ڌرتي ڌڻين کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ 8 جون تي سڄي سنڌ ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو.