اتر آمريڪا ۾ 3 ارب پکي اڻلڀ، پکين جي لڏپلاڻ جو انڪشاف

0
606

ڪينيڊا (دلچسپ نيوز) آمريڪا مان هڪ ڳڻتي جوڳي خبر سامهون آئي آهي ته گذريل 50 سالن دوران اتر آمريڪا جا 3 ارب پکي غائب ٿي چڪا آهن.ڏٺو وڃي ته اڃان به انهن جو انگ وڌيڪ آهي پر اتر آمريڪا مان ملندڙ ڪيترن ئي پکين جي آبادي ۾ ڳڻتي جوڳي گهٽتائي اچي وئي آهي. ڪورنيل يونيورسٽي ۾ جانورن جي بچاءُ جي ماهر پروفيسر ڪينٿ روزنبرگ گذريل 48 سالن کان ڪينيڊا ۽ آمريڪا جي زميني اسٽيشن تي پکين جي ڊيٽابيس جو جائزو ورتو آهي. ان موجب ان علائقي مان عام ملندڙ 529 قسم جي پکين جي انگ ۾ گذريل 30 سالن ۾ 2 ارب نوي ڪروڙ جي گهٽتائي ٿي آهي.شروعاتي اندازي موجب 1970ع کان هينئر ڪيترن ئي قسمن جي ننڍي وڏي پکين جي انگ ۾ 29 سيڪڙو گهٽتائي واقع ٿي چڪي آهي. 90 سيڪڙو گهٽتائي پکين جي 12 خاندانن ۾ ٿي آهي جنهن ۾ جهرڪي ۽ ٻولڻ وارا ننڍا پکي شامل آهن. ٻئي طرف واٽر فائول ۽ ريپٽرز جي انگ ۾ به اضافو ٿيو آهي جنهن جو سبب ان جي لاءِ شروع ڪيل تحفظاتي پروگرام آهي.ماهرن جو خيال آهي ته فوري طور تي هاڻ ٻين پکين کي بچائڻ جي لاءِ به ڪوششون ڪرڻيون پونديون. ان ٽيم نيڪس راڊ نالي ريڊار نيٽ ورڪ سان به پوري خطي جو جائزو وٺي پکين جي ولر جو معائنو ڪيو ويو، ان سان ٻئي هنڌ ويندڙ پکين جي انگ جي به خبر لڳائي سگهجي ٿي ۽ گذريل 10 سالن ۾ ان خطري جي گهنٽي وڄائيندي پکين ۾ گهٽتائي جي خبر ڏني هئي.