ابوظهبي ۾ سخت گرمي سبب فٽنيس قائم رکڻ چيلينج

0
402

لاهور(اسپورٽس نيوز)ابوظهبي ۾ سخت گرمي سبب فٽنيس قائم رکڻ چيلينج بڻجي ويو آهي. ٽورنامينٽ دوران گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ هجڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. پاڪستان ڪريڪٽ بورڊ پي ايس ايل سڪس جي ميچز دوران پاڻي جي وقفن ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو آهي. ترجمان موجب رانديگرن کي سخت گرمي ۾ ڊي هائڊريشن کان بچائڻ لاءِ ڪولڊ جيڪٽ ڏنيون وينديون. پي سي بي موجب رانديگرن کي ڪولڊ ڪالرز ۽ انرجي ڊرنڪ به فراهم ڪيون وينديون.