ابتدائي ٻاراڻي تعليم سان لاڳاپيل ڳالهيون

0
307
ابتدائي ٻاراڻي تعليم سان لاڳاپيل ڳالهيون

  اسين سڀ اهي ماڻهو جيڪي تعليم ڏيڻ ۽ حاصل ڪرڻ واري کيتر سان سلهاڙيل آهيون، ڪڏهن به هڪ اهڙي ڪوشش ڪرڻ کان سدائين پري رهيا آهيون، جيڪا اسان جي موجودہ ڄاڻ ۾ واڌارو ڪري ۽ اسان کي پنهنجي پيشي جي حساب سان وقتائتو (اپڊيٽ) ڪري. ڪيترائي سال ٿيندا پڙهائيندي، ۽ انهيءَ دوران اسان کي سکيا ۽ تربيت  جا جيڪڏهن موقعا به مليا آهن ته سواءِ مسافري– روزانو خرچي پاڻي (ٽي ايَ – ڊي ايَ) کي حاصل ڪرڻ واري فڪر جي، اسان ڪڏهن به اھو ناهي سوچيو ته هن سکيا يا فلاڻي تربيت مان اسان جي علمي سگهه ۾ ڪيترو واڌارو ايندو، ۽ اسان پنهنجي پيشي ۾ وڌيڪ ڀڙ ٿي ڪري ملڪ ۽ قوم جو نالو روشن ڪنداسين. ابتدائي ٻاراڻي تعليم (ارلي چائلڊ ھوڊ ايجوڪيشن – اي سي ايِ) تي ڪم ته ملڪ جي ٺهڻ واري ڏينهن کان جاري آهي، ۽ هن وقت تائين جيڪي به تعليمي پاليسيون جاري ڪيون ويون آهن، انهن سڀني ۾ ابتدائي ٻاراڻي تعليم جي حوالي سان ذڪرِ خاص ته شامل آهي پر عمل درآرمدي جو وکر شايد اسان جي ملڪ ۾ ملي ئي ڪونه ٿو.

ابتدائي ٻاراڻي تعليم جي لاءِ، 2017ع ۾، جاري ٿيندڙ پنهنجي قسم جو واحد تعليمي دستاويز “ارلي چائلڊ هوڊ ايجوڪيشن اِن پاڪستان” جي مهاڳ ۾ لکيل آهي ته، ”ٻارن جا ابتدائي سالن وارا ڏهاڙا نهايت اهميت وارا هجن ٿا، ڇاڪاڻ جو ان دوارن ٻارن کي پنهنجي پيءُ ماءُ. استادن ۽ منتظمن پاران جيڪو ڪجهه ملي رهيو هوندو آهي، اهوئي ڪجهه هنن سان سڄي عمر ساڻ هجي ٿو. اهوئي ڪارڻ آهي جو ابتدائي ٻاراڻي تعليم، ٻار- دوستاڻي  ماحول، تربيت يافتا استادن، سکڻ جي لاءِ خاص قسم جي وسيلن، ماحول، ۽ ٻارن کي سندن ڄمار مطابق سيکارڻ وارن طريقن جي گهر ڪري ٿي.” اهوئي سبب آهي جو تعليمي پاليسي 2009ع ۾ ابتدائي ٻاراڻي تعليم جي اهميت کي سمجهندي، ۽ مان ڏيندي ابتدائي ٻاراڻي تعليم وارن استادن بابت هڪ خاص قسم جي تربيت تي زور ڏيڻ سان گڏو گڏ الڳ بجيٽ رکڻ، ۽ سرڪاري اسڪولن ۾ پورو هڪ سال ابتدائي ٻاراڻي تعليم ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيل آهي.

2010ع ۾، ارڙهين ترميم بعد 2014ع ۾، سنڌ جي تعليم کاتي پنهنجي ارلي چائلڊ هوڊ ايجوڪيشن پاليسي آندي. پاليسي ۾ ابتدائي ٻاراڻي تعليم سان لاڳاپيل ڪافي شين کي سربستي نموني سان بيان ڪيو ويو آهي. جهڙوڪ: اسڪولي اڏاوت ڪهڙي قسم جي هجڻ گهرجي، ڪهڙي ڄمار وارن ٻارن کي داخل ڪرڻ گهرجي، ڪتاب ڪهڙا، ۽ ڪيئن پڙهائڻ، ۽ سيکارڻ گهرجن. استادن جي تربيت، ۽ ٻارن کي سکيا جي لاءِ ڇا ڇا گهرجي ٿو وغيره. منهنجو هي ڪالم ابتدائي ٻاراڻي تعليم جي هڪ حصي “ڪنڊرگارٽن (ڪي جيِ) ” تي آهي سو اچو ته ڪجهه ان تي ڳالهه ٻولهه ڪريون.

مٿي جيڪو ڪجهه لکي آيو آهيان ان کي پڙهڻ سان ۽ هيٺ بيان ڪيل ٽڪري کي پڙهڻ سان توهان کي هڪ واضح فرق نظر ايندو ته اسان پنهنجي تعليم سان چاهي ڀلي پوءِ هڪ فرد جي طور تي يا ڪنهن اداري يا حڪومتي سطح تي ڪهڙي ويڌن ڪري رهيا آهيون معلوم ٿي ويندو. اولهه جي ملڪن ۾ هڪ فرد پنهنجي پيشي ۽ قوم جي مستقبل سان ايڏو ته چاهه رکي ٿو جو اهو فرد اهو ماڻهو هڪ نظام جي شڪل اختيار ڪري وڃي ٿو، بعد ۾، اهو نظام پوري دنيا ۾، تعليم جي هڪ مضبوط پيڙهه طور ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو، جهڙوڪ: مونٽيسوري، ۽ ڪنڊرگارٽن.

ڪنڊرگارٽن (ڪي جيِ) ٻارن کي تعليم ڏيڻ جو هڪ اهڙو بنيادي پروگرام آهي، جنهن ۾ عام طور تي 5 سالن جي ڄمار وارن ٻارن کي داخل ڪيو ويندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن 4 کان 6 سالن وارن ٻارن کي به شامل ڪيو ويندو آهي. هي پروگرام ٻارن ۾ سندن ڄمار مطابق سماجي سمجهه ۽ علمي سگهه ۾ واڌ آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ۽ انهن کي پهرين جماعت ڏانهن سفر ڪرڻ جي لاءِ تياري ڪرائي ٿو. هن پروگرام کي جيڪڏهن اسان پنهنجي طور گهرن ۾ هلايون ٿا ته هي ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ ذهني طور تي تيار ڪرڻ سان گڏ اڪسائي ٿو، ۽ ٻارن ۾ هن احساس کي پختو ڪري ٿو ته زندگي ۾ ڪامياب ٿيڻ ۽ رهڻ جي لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ ڪيترو نه ضروري عمل آهي. هاڻي سوال هي آهي ته هن پروگرام کي آخر ڪنڊرگارٽن چيو ڇو ٿو وڃي؟ گنڊر ۽ گارٽن جرمن ٻولي جا لفظ آهن. گنڊر جي معنى آهي “ٻار” ۽ گارٽن جو مطلب آهي ”باغيچو“. ڪنڊر گارٽن لفظ جو بنياد هڪ جرمن تعليمي ماهر فرائيڊرچ فروبيل پنهنجي پهرين ڪنڊر گارٽن يعني “ٻارن جو باغيچو” جي شروعات ڪرڻ سان سن 1840ع ۾ وڌو. سندس جي فلاسافي مطابق ٻار به هڪ قسم جا گل ڦل آهن. اهي هڪٻئي کان مختلف به آهن. نازڪ به آهن ۽ وڏي ڳالهه ته اهي سارسنڀال ۽ بهترين نگراني جي گهر به ڪن ٿا. هر هڪ گل اڪيلو ۽ منفرد آهي. سندن جي هڪ انفرادي حيثيت ۽ سڃاڻپ آهي. اهي جڏهن ڪنهن بهترين نگران  جي نگراني ۾ اچن ٿا ته وڌيڪ نکري پون ٿا، سهڻي نموني ٽڙي پون ٿا ۽ پياري مسڪراهٽ وانگي ٻهڪي پون ٿا.

فروبيل جيئن ته هڪ تعليمي ماهر هو سو هو پنهنجي مدد پاڻ تحت يعني پاڻمرادي سرگرمي  جي ذريعي سکڻ تي يقين رکندڙ هو. هو فطرتي ماحول، سائنس، ۽ حسابن سان تمام گهڻو چاهه رکندڙ ماڻهو هو. هن محسوس ڪيو هو ته ٻارن کي تعليم ڏيڻ جي لاءِ هڪ اهڙي قسم جي ماحول، ۽ سارسنڀال جي ضرورت آهي جهڙي طرح هڪ باغيچي ۾ ٽڙندڙ گلن ڦلن، ۽ ٻوٽن وغيرهه کي هوندي آهي. پنهنجي انهيءَ خيال کي سامهون رکندي هن ٻارن جي لاءِ هڪ ”ابتدائي تعليمي پروگرام“ جو پايو وڌو، ۽ پنهنجي ان پروگرام کي هن ڪنڊر گارٽن جو نالو ڏنو ۽ مشهور ڪيو. هن جو ڪنڊر گارٽن هڪ قسم جي اهڙي جاءِ هئي جتي هر ٻار پنهنجي مرضي سان پنهنجي تعليمي سرگرمي کي اڳتي وڌائيندي اوسر به ڏئي پيو، ۽ اڳتي وڌندو به رهي پيو. سندس هن پروگرام ۾ ٻارن جو بغير ڪنهن ٻاهرين مداخلت جي، پر آزادي سان پڙهڻ مکيو نقطو هو. يعني پنهنجي هن پروگرام کي، هن هڪ نگران ته ڏنو ٿي پر ٻارن کي آزادي سان سکڻ جي ترغيب ڏيڻ ئي سندس مقصدِ خاص هو ڇاڪاڻ جو هن جو خيال هو ته سکڻ ۾ ٻار جيترو پنهنجي مرضي کي شامل ڪندو اهو اوتروئي وڌيڪ سکندو ويندو ۽ اڳتي وڌندو ويندو. نه ڪي ڪنهن استاد جي اثر هيٺ يا استاد جي مرضي يا هدايتن هيٺ بهتر سکي سگهندو. فروبيل جو باغيچو ٻارن جي اهڙي قسم جي شين سان سدائين ڀريل هوندو هو جن جي مدد سان ٻار فطرتي ماحول کي محسوس ڪندي انهن سان راند روند ڪندي سکي سگهن پيا. هن پنهنجي باغيچي ۾ سوين تحفن ۽ پيشن سان سلهاڙيل شين جو بندوبست ڪري ڇڏيو هو، ۽ انهن شين کي اهڙي طرح سان تيار ڪيو هو جو ٻار انهن سان راند روند ڪندي فطرت جي رازن کي سمجهي، ۽ آرام سان انهن جي باري ۾ پروڙي سگهن پيا. ٻارن کي انهن شين جي وسيلي سائنس، جيئوميٽري، ۽ اڏاوت سازي  جي بنيادي ڄاڻ کان واقيت ڪرائڻ سان گڏ پيشن واري ساز و سامان جهڙوڪ: مٽي، واري ۽ پنن مان شيون تيار ڪرڻ، ۽ تارنُ جو استعمال پڻ شامل ڪيو. سندس مقصد هي هو ته ٻار هنن شين کي استعمال ۾ آڻيندي مجسمي سازي، سلائي، ٻَڌَڻُ، اڻڻ ۽ ڌاڳن کي ويڙهڻ جهڙن هنرن جي ڪاريگري کي سکن ۽ تصور، تخليق ۽ حقيقتن کي سمجهي سگهن.

ماهرن جي بقول اسان جي معاشري ۾ ٻارن کي صحيح ۽ مناسب تعليم ڏيڻ اڄ به هڪ ڏکيو، پيچيده ۽ دلچسپ مسئلو آهي. ٻارن کي سندن ڄمار، ماحول، ۽ گهرج مطابق بهتر کان بهتر تعليم ڏيڻ جي لاءِ اڄ به پوري دنيا ۾ تحقيق جو عمل جاري آهي. اسان ٻيو ته ڪجهه نٿا ڪري سگهون پر فروبيل جي ڏاهپ جي مطابق پنهنجي اسڪولن جي ڪنهن حصي کي مخصوص ڪري ان کي ٻارن جو باغيچو يعني ڪنڊر گارٽن واري تصور ۾ منتقل ڪري ٻارن جي نفسيات کي سامهون رکي تعليم ڏيون ته هن سان نه صرف ٻار جو آئيندو بهتر ٿيندو پر ملڪ ۽ قوم کي پڙهيل لکيل ۽ سمجهدار ماڻهن جي هڪ سٺي کيپ به ملندي رهندي. هن ڪم ۾ حڪومتن کي اڳيان اچڻ گهرجي ڇاڪاڻ جو انهن وٽ وسيلا آهن، اختيار آهي ۽ بجٽ به ڏئي سگهن ٿيون.