آڊيو ٽيپس سان عدل جي نظام تي وڏو سواليا نشان اچي ويو: احسن اقبال

0
122
عدل جي نظام تي وڏو سواليا نشان
آڊيو ٽيپس سان عدل جي نظام تي وڏو سواليا نشان اچي ويو: احسن اقبال

وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته آڊيو ٽيپس سان عدل جي نظام تي وڏو سواليا نشان اچي ويو آهي، آڊيوز ڪوڙيون آهن ته سواليا نشان لڳائيندڙن کي سزا ڏني وڃي
هن چيو ته آڊيوز سچيون آهن ته ٽيپ جي ڪردار کي به جوابده ٿيڻو پوندو، چيف جسٽس کي معاملي جو نوٽيس وٺڻ گهرجي
سُپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته اڄ پي ٽي آءِ کي ڏينهن ڏٺي جو رليف ملي رهيو آهي، عمران خان کي ڪهڙي سُليماني ٽوپي پهريل آهي جو قانون سندس آڏو بيوس آهي
هن چيو ته هتي مئچ فڪسنگ کانپوءِ ڪيس فڪسنگ به ٿي رهي آهي، جنهن ماڻهو ملڪ کي تباهه ڪيو، اُهو الزام بازي ۾ رُڌل آهي
احسنا اقبال چيو ته ملڪ معاشي بحرانن ۾ ڦاٿل آهي، اسٽيبلشمينٽ، بيورو ڪريسي ۽ عدليه کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ملڪ وڌيڪ عدالتي تڪرارن جي سٽ نٿو سگهي سگهي

هن کي به پڙهندا

ايف آءِ اي پاران پرويز الاهي جي مبينا آڊيو جي جاچ شروع