آپريشن عزم استحڪام بابت پي ٽي آءِ ۽ ٻين جا خدشا ختم ڪنداسين: خواجا آصف

0
21
آپريشن عزم استحڪام بابت پي ٽي آءِ ۽ ٻين جا خدشا ختم ڪنداسين: خواجا آصف
آپريشن عزم استحڪام بابت پي ٽي آءِ ۽ ٻين جا خدشا ختم ڪنداسين: خواجا آصف

دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته آپريشن عزم استحڪام بابت پي ٽي آءِ ۽ ٻين جا خدشا ختم ڪنداسين، ووٽ بينڪ خاطر آپريشن جي مخالفت ڪئي پئي وڃي، آپريشن بابت ايوان کي به اعتماد ۾ ورتو ويندو، اپوزيشن ۽ اتحادي جماعتن کي بحث جو موقعو ڏنو ويندو

دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڌيڪ چيو ته آپريشن عزم استحڪام خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان صوبي ۾ ڪيو ويندو، دهشتگرديءَ کي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته اها لهر ٻين صوبن تائين به پکڙجي ويندي، عدليه قومي سلامتي بابت سپورٽ نه ڪئي ته آپريشن اڻ اثرائتو ٿي ويندو

هن چيو ته خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ آپريشن جي ڪا به مخالفت نه ڪئي، علي وزير ۽ محسن داوڙ آپريشن جي ڀرپور مخالفت ڪئي، گذريل آپريشنز جيان هيل آبادين کي خالي نه ڪرايو ويندو

خواجا آصف چيو ته  آپريشن دوران انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائيون ڪيون وينديون، آپريشن جا ڪي به سياسي ارادا نه آهن، آپريشن جو مقصد دهشتگرديءَ جو خاتمو آڻڻو آهي، ماضيءَ ۾ 5 کان 6 هزار دهشتگردن کي گهرائي آباد ڪيو ويو، ان کانپوءِ دهشتگرديءَ ۾ اضافو ٿيو آهي