پشاور(م ڊ) سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته عزم استحڪام آپريشن جو غلط تاثر ورتو ويو، آپريشن دوران ڪنهن کي به بي گهر نه ڪيو ويندو. پشاور مان سيڪيورٽي ذريعن موجب عزم استحڪام تحت دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ ڊگهي پاليسي جوڙي ويندي. ذريعن موجب منشيات، اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ دهشتگردن کي سزائون ڏيارڻ لاءِ موثر قانون سازي ڪئي ويندي، دهشتگردن کي پنهنجي انجام تائين پهچايو ويندو. سيڪيورٽي ذريعن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسمگلنگ ۽ منشيات جو پيسو دهشتگردي ۾ استعمال ٿي رهيو آهي ان جي روڪٿام ضروري آهي. امن امان جي قيام لاءِ موثر حڪمت عملي ضروري آهي.