ڪنڌڪوٽ: ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ بشير احمد بروهي کان معلومات وٺڻ تي هن ٻڌايو ته پوري ضلعي اندر ڏوهارين خلاف آپريشن هلي رهيا آهن، ڏوهاري ٽولا پاڻ ۾ ملي ڪري وارداتون ڪن ٿا ۽ اها مطالبا ڪن ٿا ته ڪچي ۾ آپريشن بند ڪيو وڃي پر اهو هرگز نه ٿيندو، پوري ضلعي اندر ڏوهاري ٽولن جو مڪمل خاتمو آڻبو، ۽ سڀني مغوين کي باحفاظت طريقي سان بازياب ڪرائبو، هن چيو ته هندو نوجوانن جي اغوا واردات بعد پوليس ڏوهاري ٽولي جي پويان آهي، مغوي جلد بازياب ٿيندا.