آن لائن ڪمائي

0
131
آن لائن ڪمائي

  تقريبن 3 سال پهرين منهنجو سئوٽ لمس لاهور يونيورسٽي پڙهڻ ويو اتان واپس جڏهن موڪلن ۾ گهر ايندو هيو ته رڳو آن لائين خريداري ڪندو هيو ۽ سڀني گهر ڀاتين کي آن لائين خريداري تي اڪسائيندو رهندو هيو بعد ۾ ايتري قدر جو اسان جي گهر جي سرف به دراز تان ۽ کائڻ پيئڻ جون شيون به فوڊ پانڊا تان گهرائڻ لڳو مان هڪ ڏينهن چيومانس ” ڀلا ڏي ته خبر اسان به ڪا شي آن لائين کپائي سگهئون ٿا يا تون سڀني کي آن لائين شاپنگ ڪرائي رڳو ڪنزيومر يعني گراهڪ ٿيندي اسان به ته ڪجھه کپايون ان طرف ڇو نه ٿو سوچين” کلندي تنز واري انداز ۾ جواب ڏنائين ته  اسان وٽ ڇا هي جو کپايون! مان چيومانس ڳالھ ته سهي آهي اسان وٽ واقعي اهڙو ڪجھه ناهي پر يار اسان وٽ، اسان جي ٻهراڙين ۾ عورتون هنر جو ڪم ڪنديون آهن رلهيون ٺاهينديون آهن اهي ڀلا دراز تي رک انهن جو به ڪم ٿي پوندو ۽ تنهنجي به روزي ٿيندي رهندي، ڳالھه دل سان لڳس اتان ڪم شروع ڪيائين اڄ نه صرف رلهيون پر ٻيون به الائي ڪيتريون شيون دراز تي آن لائين وڪڻندو آهي جنهن سان ڪافي پيسا بچندا اٿس. ائين ئي اسان وٽ سنڌ ۾ وڏي پيماني تي کجيون ٿين ٿيون انهن جي پوٽن مان الائي ڪيتريون شيون ٺاهيندا آهن ۽ جيڪڏهن انهي ڪم ۾ اڃا جدت آڻجي ته هوند اسان جي پورهيت ڪلاس جي آمدني ۾ به اضافو اچي ۽ ٻاهريون ناڻو به ملڪ ۾ اچي پر هي سڀ شيون اسان وٽ ٻاهرين ملڪن مان ٿيون گهرايون وڃن ته افسوس به ٿئي ٿو کل به اچي ٿي سو دانهون ۽ ڪوڪون ڪرڻ کان بهتر آهي ته ماڻهن کي نوان دڳ ڏجن نوان حل ڪڍجن. (فيس بوڪ وال تان ورتل)