ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) نيب پاران آن فارم واٽر مينيجمينٽ حيدرآباد جي ڊپٽي ڊائريڪٽر شاهد محمود ۽ ٻين خلاف جاچ شروع، 5 مختيارڪارن کي نوٽيس جاري ڪري 250 ايڪڙن کان وڌيڪ زمين جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو، ان ڏس ۾ نيب جي ڪمبائينڊ انويسٽيگيشن ٽيم آن فارم واٽر مينيجمينٽ حيدرآباد جي ڊپٽي ڊائريڪٽر شاهد محمود ۽ ٻين خلاف ڪرپشن الزامن بعد جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ نيب طرفان لطيف آباد، قاسم آباد، ماتلي، ڊگھڙي ۽ مختيارڪار مراد ميمڻ ڳوٺ (ملير) جي مختيارڪارن کي الڳ الڳ نوٽيس جاري ڪري ڄاڻايو ويو آهي ته نيب شاهد محمود ۽ ٻين خلاف انڪوائري ڪري رهيو آهي، شاهد محمود توڙي سندس خاندان جي ڪنهن به ميمبر جي نالي تي جيڪا به زمين آهي، ان جو رڪارڊ فراهم ڪيو وڃي. نيب طرفان جاري ڪيل نوٽيسن ۾ 5 ئي مختيارڪارن کان 250 کان وڌيڪ ايڪڙ زمين جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي. ليٽر موجب اها زمين لطيف آباد جي ديهه ملاح، گنجو ٽڪر، ڊگھڙي جي ديهه 152، مهر ۽ 187، ماتلي جي ديهه اماريو، قاسم آباد جي ديهه ساري ۽ مراد ميمڻ ملير جي ديهه ککر ۾ واقع آهي. مختيارڪارن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ڄاڻايل زمين جا ستون فارم، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٻي معلومات ڏني وڃي، ٻئي پاسي نيب حيدرآباد ٽريزري ۾ جعلي پينشن جي مد ۾ اربين رپين جي ڪرپشن واري معاملي ۾نويد باجاري ۽ اشرف جانوري کان اثاثن جا تفصيل گھري ورتا، نيب ذريعن موجب حيدرآباد ٽريزري آفيس ۾ 2012ع کان 2017ع تائين جعلي پينشن بلن ۽ جعلي اڪائونٽس ذريعي مبينا طور اربين رپيا هڙپ ڪيا ويا، اربين رپين جي انهي اسڪينڊل جي جاچ نيب وٽ هلندڙ آهي، نيب اڳوڻي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر 3 محمد نظير ڀٽو کي نوٽيس جاري ڪري تفصيل طلب ڪيا، جڏهن ته اشرف علي جانوري ۽ نويد مجيد باجاري کان سندن اثاثن سميت ذاتي معلومات به گھري وئي. نيب اشرف علي جانوري ۽ نويد مجيد باجاري کي اماڻيل نوٽيس ۾ ڄاڻايو آهي ته اوهان پنهنجي اثاثن جا سمورا تفصيل ۽ ذاتي معلومات ڏيو. نيب ڪرپشن اسڪينڊل متعلق نجي بينڪ جي آفيسرن محمد جاويد، ثاقب رشيد ۽ اياز ناريجو کان به معلومات گھري ورتي.